ايم اين اي ذوالفقار بهڻ جي گھران ڌاڙي جي جاچ ۾ اڳڀرائي: وڌيڪ 42 تولا سون هٿ

ايم اين اي ذوالفقار بهڻ جي گھران ڌاڙي جي جاچ ۾ اڳڀرائي: وڌيڪ 42 تولا سون هٿ

مورو (ن پ ا) ايم اين اي جي گهر مان ڌاڙي جا وڌيڪ 42 تولا سون هٿ اچڻ جو انڪشاف ٿيو آهي. باخبر ذريعن وٽان انڪشاف ٿيو آهي ته ايم اين اي ذوالفقار بهڻ جي گهر مان لڳل ڌاڙي ۾ پوليس وڌيڪ اڳڀرائي ڪندي جيسل بلوچ گينگ پاران ڦر ڪيل سون جا وڌيڪ 42 تولا سون هٿ ڪري ورتا آهن. ذريعن موجب ساهتي پوليس اهڙي ڪاميابي جيسل بلوچ جي گرفتار ٿيل ڀاءُ ريحان بلوچ ۽ ساٿي عثمان حيدر سيال جي نشاندهيءَ تي حاصل ڪئي آهي جن جي گرفتاري ڪجھ قانوني ۽ جاچ جي مجبورين سبب اڃا ظاهر نه پئي ڪئي وڃي. ذريعن موجب هٿ آيل وڌيڪ سون وصول ڪرڻ ۽ کڻي اچڻ لاءِ هڪ ٽيم پڻ پنجاب پهتل آهي. ھوڏانھن پوليس جو چوڻ آھي ته اسان جي طرفان آفيشل يا غير آفيشل ڪنھن به قسم جي ڪا به رپورٽ ظاھر نه ٿي ڪري سگھجي.