ايم اين اي شبير بجاراڻي جي پٽ پاران پ پ جي ڪچهرين تي تنقيد

ايم اين اي شبير بجاراڻي جي پٽ پاران پ پ جي ڪچهرين تي تنقيد

ڪنڌڪوٽ (رپورٽر) پ پ ايم اين اي شبير علي بجاراڻي جي پٽ حيدر علي بجاراڻي پاران سنڌ جي مختلف هنڌن تي ٿيندڙ سنڌ جي وڏي وزير مراد علي شاهه جي حڪمن تي ٿيل کلي ڪچهرين جي مخالفت ڪري ڇڏي آهي، پ پ ايم اين اي شبير علي بجاراڻي جي پٽ حيدر علي  بجاراڻي سوشل ميڊيا تي وڊيو جاري ڪندي چيو آهي ته وڏي وزير مراد علي شاهه جي حڪمن تي ڪجهه ڏينهن کان سنڌ جي مختلف هنڌن تي کلي ڪچهريون ٿي رهيون آهن،کلي ڪچهري ڪندڙ صوبائي وزيرن جي وٽ ڪو به ڪاغذ ناهي هوندو، نه ئي وري اهي شڪايتون لکندا آهن، جيڪڏهن عوام جون  شڪايتن نوٽ نه ڪيون وينديون ته اهي وڏي وزير کي آگاهي ڪيئن ڏئي سگهندا؟ ڪهڙي رپورٽ سنڌ جي وڏي وزير کي ڏيندا، کلي ڪچهرين ۾ عوام پاران ٻڌايل مسئلا ۽ ڳالهيون هنن کي بغير لک پڙهه جي ڪئين ياد رهي سگهن ٿيون؟ کلي ڪچهرين ۾ موجود ڊي سي ۽ ايس ايس پي به ائين ڪرسين تي ويٺل آهن انهن پاران به ڪابه لک پڙهه جو عمل نه ڪيو ويو، هن چيو ته کلي ڪچهريون ڪرڻيون آهن ته عوام جا مسئلا ٻڌي حل ڪيا وڃن، کلي ڪچهريون جمهوريت جو تسلسل آهي پر ان تسلسل کي عوام ۾ تڏهن پذيرائي ملندي جڏهن انهن کي صبر برداشت ۽ تحمل سان عوام جا مسئلا ٻڌا وڃن نه ڪي کلي ڪچهرين ۾ عوام مٿان ئي ڏمرجي ۽ انهن کي دڙڪا ڏجن اهو جمهوري عمل ناهي.هن چيو ته منهنجي گهر ۾ ڪهڙا مسئلا آهن اها مونکي خبر آهي تنهن ڪري کلي ڪچهريون لوڪل چونڊيل نمائندن کان ڪرائڻ گهرجن ها. جتي جتي کلي ڪچهريون ٿيون آهن ان ۾ پيپلزپارٽي جي بدنامي ٿي آهي.