موٽر وي اسڪينڊل، 2 ٺيڪيدار جيل حوالي، عدالت جي نيب تي ڪاوڙ

جُون 9, 2023

حيدرآباد( بيورو رپورٽ) احتساب عدالت ايم سڪس ڪرپشن ڪيس ۾ گرفتار ٻن ٺيڪيدارن کي جيل اماڻي ڇڏيو ڪيس جي ٻڌڻي 22 مئي تائين ملتوي ڪئي وئي

نيب رمانڊ پورو ٿيڻ بعد اخلاق ۽  ذيشان سهتو کي عدالت ۾ پيش ڪيو معطل ڊي سي عدنان رشيد, منصور عباسي ۽ اسلم پيرزادو سميت ٻيا جوابدار به عدالت ۾ پيش ٿيا

نيب عدالت کي ٻڌايو ته ٺيڪيدار ذيشان سهتو جاچ دوران اخلاق شاهه کان 100 ملين رپيا وٺڻ جو اعتراف ڪيو آهي

عدالت ۾ وڪيل چيو ته 6 مهينا گذرڻ باوجود نيب اڃا تائين ريفرنس فائل ناهي ڪيو جيڪو عمل نيب جي نئين قانون جي ڀڃڪڙي آهي جنهن تي عدالت ڪاوڙ ڪندي نيب اختيارين کي چيو ته  اوهان ريفرنس فائل ڇو نه ٿا ڪيو؟

جاچ آفيسر جواب ڏنو ته اسان ريفرنس جو ڊرافٽ ٺاهي ڪراچي اماڻي ڇڏيو آهي ايندڙ ٻڌڻي تي ڊرافٽ عدالت ۾ پيش ڪنداسين

Leave A Comment