| ايم سڪس موٽر وي جي زمين خريدڻ لاءِ 1.13 ارب جاري ڪرڻ جي هدايت |
ڪراچي: سنڌ ڪابينا حيدرآباد–سکر موٽروي (M-6) لاءِ زمين جي حاصلات جي مد ۾ 1.13 ارب رپين کان وڌيڪ رقم جي جاري ٿيڻ جي توثيق ڪئي. ان کان علاوه سنڌ پبلڪ ريسورسز فار انڪلو سِو ڊولپمينٽ پروگرام لاءِ 100 ملين ڊالر جي ورلڊ بينڪ جي ڳالهين واري پيڪيج جي منظوري ڏني وئي. ڪابينا 11هين نيشنل فنانس ڪميشن جي ٽرمز آف ريفرنس جو جائزو وٺڻ لاءِ هڪ آزاد قانوني فرم جون خدمتون حاصل ڪرڻ جو به فيصلو ڪيو.سنڌ ڪابينا ريسڪيو 1122 جي سروس کي وڌائڻ لاءِ 192.745 ملين رپين جي اضافي منظوري ڏني جڏهن ته صوبائي ملازمن جي هيلٿ انشورنس پروگرام جي تجديد ڪندي ڪُل فنڊ 550 ملين مان وڌائي 650 ملين رپيا ڪيا ويا. اجلاس جي پڄاڻي تي وزيراعليٰ سيد مراد علي شاهه ٻيهر زور ڏنو ته منظور ڪيل قدمن تي تيزي، ايمانداري ۽ جوابدهي سان عملدرآمد ڪيو وڃي. هن سڀني کاتن کي هدايت ڪئي ته اڳڀرائي بابت باقاعده رپورٽون وزيراعليٰ سيڪريٽريٽ کي جمع ڪرايون وڃن. وزيراعليٰ چيو اسان کي ڪاغذي ڪارروائي نه پر زميني سطح تي نتيجا گهرجن.