| ايم سڪس موٽر وي لاءِ 2 ارب رپيا ۽ زمين اين ايچ اي حوالي: ڪهڙي قانون تحت رقم ڏني؟ عدالت |
سکر (بيورو رپورٽ) سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر کان حيدرآباد ايم سڪس موٽروي نه ٺهڻ ۽ مهراڻ هاءِ وي تي پابندي باوجود وڏين گاڏين جي گذرڻ واري ڪيس ۾ چيف سيڪريٽري سنڌ کان جاري ڪيل رقم جا تفصيل گهري ورتا ۽ سيڪريٽري ڪميونيو ڪيشن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪيو ويو آهي. سکر کان حيدرآباد تائين موٽروي نه ٺهڻ. مهراڻ هاءوي تي وڏين گاڏين جي گذرڻ ۽ سٽي پوائنٽ يوٽرن بابت درخواستن جي سنڌهاءڪورٽ سکر بئنچ جي جسٽس ذوالفقار علي سانگي ۽ جسٽس ارباب علي هڪڙو تي ٻڌل ٻه رڪني آئيني بئنچ ٻڌڻي ڪئي. ٻڌڻي دوران واسطيدار پيش ٿيا. چيف سيڪريٽري طرفان سرڪاري وڪيل سکر کان حيدرآباد موٽروي بابت رپورٽ جمع ڪرائي وئي. رپورٽ مطابق سنڌ سرڪار 2 ارب کان وڌيڪ رقم ۽ زمين اين ايڇ اي حوالي ڪيا ويا آهن، عدالت چيو ته سنڌ سرڪار ڪهڙي قانون تحت ايتري رقم اين ايڇ اي حوالي ڪئي وئي آهي. سيڪريٽري ڪميونيوڪيشن پيش ڇو ناهي ٿيو. عدالت ريمارڪس ڏيندي ته ڇو نه سيڪريٽري ڪميونيوڪيشن خلاف توهين عدالت جي ڪاروائي هلائي وڃي. عدالت چيف سيڪريٽري کي جاري ڪيل رقم جا تفصيل پيش ڪرڻ جو حڪم ڏيندي سيڪريٽري ڪميونيوڪيشن کي شوڪاز نوٽيس جاري ڪري آء جي موٽروي کي 24 ڊسمبر تي پيش ٿيڻ جو حڪم ڏنو ويو آهي.