ڪراچي ۾ ايم پي اي اسلم ابڙو جو ڀاءُ ۽ ڀائيٽو قتل، ارشاد پنهور سميت 2 زخمي

جُولاءِ 26, 2023

ڪراچي (رپورٽ: حبيب جمالي) ڪراچي جي پوش علائقي ڊفينس ۾ ايم پي اي اسلم ابڙو جي ڀاءَ جي گاڏي تي انڌاڌنڌ فائرنگ، سندس ڀاءَ ۽ ڀائٽيو  قتل 2 ڄڻا زخمي، پوليس موجب گاڏي تي 50 فائر ڪيا ويا

 ان ڏس ۾ مليل معلومات موجب ڊفينس جي فيز 7 ۾ عائشه مسجد وٽ پي ٽي آءِ جي باغي ايم پي اي اسلم ابڙو جي ڀاءَ ۽ جيڪب آباد شهري اتحاد جي صدر اڪرم ابڙو جي ويگو گاڏي تي هٿياربندن انڌاڌنڌ فائرنگ ڪري ڏني،گوليون لڳڻ سبب اسلم ابڙو جو ڀاءَ اڪرم ابڙو، ڀائٽيو شهريار اڪرم ابڙو، سردار ميرمنظور پنهور جي ويجھي مائٽ اصغر پنهور جو ڀائٽيو ارشاد پنهور ۽ عبدالله ابڙو زخمي ٿي پيا

 اطلاع تي پوليس ۽ رينجرز جي وڏي نفري پهچي واردات واري هنڌ کي سيل ڪري زخمين کي اسپتال منتقل ڪيو، جتي اڪرم ابڙو ۽ سندس پٽ شهريار ابڙو دم ڏنو. پوليس موجب عبدالله ابڙو ۽ ارشاد پنهور جو علاج جاري آهي

 ٻئي طرف ڊاڪٽر نوشين موجب ارشاد پنهور کي مٿي ۽ ڪلهن ۾ گوليون لڳيون،سندس حالت ڳڻتي جوڳي آهي، جڏهن ته عبدالله ابڙي جي حالت خطري کان ٻاهر آهي

 ايڊيشنل آءِ جي ڪراچي جاويد عالم اوڍو جناح اسپتال ۾ ميڊيا سان ڳالهائيندي چيو ته اڪرم ابڙو، شهريار ابڙو، عبدالله ابڙو، ارشاد پنهور ۽ الاهي بخش خيابان شمشير واري رهائشگاهه تان نڪتا هئا، 11 لڳي 50 منٽن تي عائشه مسجد وٽ کين ٽارگيٽ ڪيو ويو، واقعي واري هنڌ تان گولين جا 50 کن خول مليا آهن

سندس چوڻ هو ته ابتدائي جاچ موجب جوابدار هڪ گاڏي ۽ موٽرسائيڪل تي سوار هئا، انهن ٻن مختلف طرفن کان گاڏي تي فائرنگ ڪئي، واقعي واري هنڌ جي جيوفينسگ ڪئي وئي، سي سي ٽي وي فوٽيج به هٿ ڪيا پيا وڃن، واقعو دهشتگردي نه پر ٽارگيٽ ڪلنگ آهي، مختلف رخن کان جاچ ڪري تهه تائين پهچنداسين

هوڏانهن جناح اسپتال ۾ صوبائي صلاحڪار منظور وساڻ سان گڏ ميڊيا سان ڳالهائيندي ايم پي اي اسلم ابڙو چيو ته گاڏي تي 50 رائونڊ هلايا ويا، 5 ڄڻن وٽ ڪلاشنڪوفون ۽ هڪ وٽ پستول هو، صبح جو منهنجو ڀاءَ اڪرم ابڙو خيابان شمشير مان جيڪب آباد وڃڻ لاءِ نڪتو، ڀائٽيو گاڏي هلائي رهيو هو، هٿياربندن منهنجي ڀاءَ ۽ ڀائٽي کي ٽارگيٽ ڪيو آهي

هن چيو ته هي سڀ ڪجهه وڏي پلاننگ سان ڪيو ويو، اهي قتل سازش تحت ڪيا ويا،  هن چيو ته اسان جي ڪنهن سان به ڪا دشمني ناهي. جيڪڏهن دشمني هجي ها ته سمورن ماڻهن کي مارين ها، هڪ ڪار ۾ فيملي سوار هئي

هن چيو ته پوليس تعاون ڪري رهي آهي، وڏي وزير سيد مراد علي شاهه سان به فون تي ڳالهه ٻولهه ٿي آهي

Leave A Comment