ايم پي اي نعيم کرل جيري جي عارضي سبب لاڏاڻو ڪري ويو

ايم پي اي نعيم کرل جيري جي عارضي سبب لاڏاڻو ڪري ويو

خيرپور/گمبٽ (نمائندن وٽان) پ پ ايم پي اي نعيم احمد کرل جيري جي عارضي سبب لاڏاڻو ڪري ويو، نعيم احمد کرل جيري جي ڪينسر وگهي ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ لاڏاڻو ڪري ويو، سندس مڙهه وارث ڪراچي کان خيرپور کڻائي ويا، خيرپور ۾ جنازي نماز ادا ڪئي وئي، صدر آصف علي زرداري پاران نعيم کرل جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار ڪيو ويو، سياسي سماجي ۽ عوامي خدمتن تي کيس ڀيٽا پيش ڪئي،  پ پ ايم پي اي نعيم احمد کرل تعلقي گمبٽ ڪچي ۾ سنڌو درياءَ جي ڪڇ ۾ قائم ڳوٺ کرل آباد ۾ سن 19 جنوري 1957ع ۾ حاجي عبدالڪريم کرل جي گھر ۾ جنم ورتو. پاڻ شروعاتي پرائمري تعليم خيرپور، مئٽرڪ ناز هاءِ اسڪول خيرپور،11 ۽ 12 هين ڪلاس جي تعليم ڪامپريهينسو ڪاليج خيرپور مان حاصل ڪئي ۽ بيچلر جي ڊگري ڪراچي جي يونيورسٽي مان حاصل ڪئي هئي. نعيم احمد خان کرل سياست جي شروعات 90 جي ڏهاڪي کان ڪئي ۽ 1997 ۾ ئي صدرالدين شاهه راشدي سان ڪنگري واري تڪ تي اليڪشن ۾ حصو ورتو هو. پ پ ايم پي اي نعيم احمد خان کرل جي سياسي زندگيءَ ۾ عوامي اعتماد تمام پختو ۽ سگهارو رهيوآهي.
 

نعيم کرل مسلسل 5 ڀيرا ايم پي اي جي سيٽ تي ڪامياب ٿيو
 

خيرپور: نعيم احمد کرل خيرپور ضلعي جي سياست ۾ ٻن ڏهاڪن کان وڌيڪ عرصي تائين سرگرم رهيو ۽ مسلسل پنج ڀيرا سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو، 2002ع ۾ پي ايس-34 خيرپور  تان 28,194 ووٽ حاصل ڪري پهريون ڀيرو سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو،2008ع ۾ ساڳئي تڪ تان 45,309 ووٽ حاصل ڪري مسلم ليگ  فنڪشنل  جي امتياز احمد شيخ کي شڪست ڏني.2013ع ۾ پي ايس 35 خيرپور   تان 33,964 ووٽ حاصل ڪري مسلم ليگ  فنڪشنل جي سيد اسماعيل شاهه کي شڪست ڏئي ٽيون ڀيرو ڪامياب ٿيو 2018ع ۾ نئين تڪ بندين کانپوءِ پي ايس 31 خيرپور تان 36,392 ووٽ حاصل ڪري سيد اسماعيل شاهه کي ٻيهر شڪست ڏني،2024ع پي ايس 30 خيرپور  تان 57,004 ووٽ حاصل ڪري جي ڊي اي جي خالد حسين شيخ کي شڪست ڏئي پنجون ڀيرو سنڌ اسيمبليءَ جو ميمبر چونڊيو ويو.
 

آصف زرداري پاران نعيم کرل جي لاڏاڻي تي ڏک جو اظهار
 

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) صدر آصف علي زرداري پاڪستان پيپلز پارٽي جي سنڌ اسيمبلي ميمبر نعيم کرل جي وفات تي گهري ڏک ۽ افسوس جو اظهار ڪندي مرحوم نعيم کرل جي سياسي، سماجي ۽ عوامي خدمتن کي خراجِ تحسين پيش ڪيو. هن مرحوم جي خاندان سان دلي تعزيت ڪندي مرحوم جي مغفرت ۽ پونئيرن لاءِ صبرِ جميل جي دعا پڻ ڪئي.
 

نعيم کرل ڪهاڻيڪار نسيم کرل جو پنجن ڀائرن مان ننڍو ڀاءُ هو
 

گمبٽ: پ پ ايم پي اي نعيم احمد کرل جا پنج ڀائر هئا، نعيم احمد کرل ڀائرن ۾ ننڍو ڀاءُ هو، سندس خاندان ۾ نسيم احمد کرل وڏو هو، جيڪو پاڻ ادب جو وڏو نالو آهي، مرحوم فهيم احمد کرل جيڪو ٻيو نمبر ڀاءُ آهي، جيڪو فاريسٽ ۾ سيڪٽري پڻ رهيو آهي، تسليم احمد کرل ٽيون نمبر ڀاءُ آهي جيڪو زمينداري سنڀالندو آهي، مرحوم ڊاڪٽر سليم احمد کرل چوٿون نمبر ڀاءُ هو جيڪو ڪراچي ۾ ٽارگيٽ ڪلنگ ۾ مارجي ويو هو ۽ نعيم احمد کرل ڀائر ۾ ننڍو ۽ آخري ڀاءُ هو.
 

نعيم کرل سخت بيماري باوجود عيد تي هيليڪاپٽر ذريعي اباڻي ڳوٺ پهتو هو
 

گمبٽ: نعيم احمد کرل ڪجھه عرصي کان جيري جي ڪينسر جي عارضي سبب بيمار هو، هن سخت بيماري جي هوندي به هيليڪاپٽر ذريعي پنهنجي اباڻي ڳوٺ کرل آباد ۽ خيرپور پهتو، جتي تڪ جي ورڪرن سياسي سماجي دوستن سان ملاقاتون ڪيون هيون، ڪجھه ڏينهن کان سندس جي طبيعت وڌيڪ خراب ٿي وئي ۽ ڪراچي جي خانگي اسپتال ۾ علاج هلندڙ هو ته 21 جون 2026 تي ساهه جو سڳو ٽٽي پيو. ڏک جي گھڙي ۾ اسيمبلي جا ساٿي، وڏو وزير، ايم پي  ايز، ايم اين ايز پاران ڏک جو اظهار ڪيو ويو آهي.