ايم ڊي ڪيٽ امتحان ملتوي، 20 سيپٽمبر نئين تاريخ مقرر

ايم ڊي ڪيٽ امتحان ملتوي، 20 سيپٽمبر نئين تاريخ مقرر

سکر (بيورو رپورٽ) پاڪستان ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪائونسل وزيراعظم جي هدايت تي ميڊيڪل اينڊ ڊينٽل ڪاليج ايڊميشن ٽيسٽ 2026ع ملتوي ڪري ڇڏي، پڌرائي ۾ چيو ويو آهي ته ايم ڊي ڪيٽ جي ٽيسٽ هاڻي 16 آگسٽ بدران 20 سيپٽمبر 2026ع تي ٿيندي، تاريخ تبديل ڪرڻ جو فيصلو امتحان کي وڌيڪ منظم، محفوظ، شفاف ۽ اميدوارن لاءِ آسان بڻائڻ جي مقصد سان ڪيو ويو آهي، امتحان جي تاريخ کانسواءِ ٻيا سمورا شرط ۽ ضابطا برقرار رهندا.