ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جا نتيجا ٻيهر هاءِ ڪورٽ ۾ چيلنج : آءِ بي اي سکر کان جواب طلب

ڊسمبر 24, 2024

ڪراچي (رپورٽ: عرفان شاهه ) سنڌ هاءِ ڪورٽ  ٻيهر ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ڏيندڙ 9 اميدوارن پاران ٽيسٽ جا سوال ناما (پيپر) جاري ڪرڻ لاءِ ڏنل درخواست تي صحت واري سيڪريٽري، پي ايم ڊي سي، آءِ بي اي سکر سميت ٻين ڌرين کان جواب طلب ڪندي  ٻڌڻي موڪلن جي هڪ هفتي بعد تائين ملتوي ڪري ڇڏي، شاگردن جي وڪيل جبران ناصر چيو ته شاگردن کي ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جي جوابي شيٽ فراهم ڪئي وئي پر سوالنامو ناهي ڏنو ويو، سوال نامي بنا صحيح جوابن جي جاچ ممڪن ناهي، هن چيو ته ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ ۾ غلطي يا سليبس کان ٻاهران سوالن جي موجودگي ممڪن آهي، ماضي ۾ ايم ڊي ڪيٽ ۾ٿيل بي ضابطگين سبب اميدوارن کي خدشا آهن، هن وڌيڪ چيو ته پنجاب ۽ ڪي پي  ۾ ايم ڊي ڪيٽ اميدوارن کي جوابي شيٽ سان گڏ پيپرن جي ڪاپي فراهم ڪئي وئي، اسلام آباد هاءِ ڪورٽ به سوالناما جاري ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي، هنن وڌيڪ چيو ته سوالنامو جاري ڪرڻ ۽ صحيح جوابن جي  تصديق تائين ايم ڊي ڪيٽ جا حتمي نتيجا روڪيا وڃن.

Leave A Comment