ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ: 3 شاگردياڻين ۽ هڪ شاگرد 192 مارڪون کڻي پهرين پوزيشن ماڻي ورتي

ڊسمبر 17, 2024

سکر/راڻيپور (نمائندن وٽان) سکر آءِ بي اي يونيورسٽي پاران ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جو ابتدائي نتيجو جاري ڪرڻ وارو معاملو، حيدرآباد ۽ سکر ڊويزن جي 3 شاگردياڻين ۽ هڪ شاگرد 192 مارڪون حاصل ڪري هزارين اميدوارن کي پوئتي ڌڪي ڇڏيو، 192 مارڪون کڻندڙ ۾ راڻيپور جو مزمل عباسي، بدين جي عريبه فياض، خيرپور جي اقصيٰ چاچڙ ۽ ٿرپارڪر جي تعلقي ڇاڇري جي ڳوٺ پاٻو ويرو جي رهواسڻ سنڌيا ڪماري ڌيءُ جوڌومل ميگهواڙ شامل آهن، ڪراچي، لاڙڪاڻي ۽ حيدرآباد ڊويزن جي ٽن شاگردياڻين 191 مارڪون حاصل ڪيون، حيدرآباد واسڻ مريم، ڪراچي جي سيده مُحدثيه زهرا ۽ شڪارپور واسڻ ماهمه ڪماري 191 مارڪون حاصل ڪيون، جڏهن ته ٻن شاگردياڻين ۽ 5 شاگردن 190 مارڪون حاصل ڪيون، جن ۽ الاف خالد، سيد مشهد رضا، وڪرم ڪمار، جويريه خان، نرنجن ڪمار، هريش ڪمار ۽ ماهين شامل آهن، ڄاڻايل عارضي نتيجن ۾ 16 هزار کان وڌيڪ اميدوار 100 کان وڌيڪ مارڪون کڻي ڪامياب ٿيا آهن، ايس ٽي ايس موجب 17 ڊسمبر شام پنجين وڳي تائين اميدوار شڪايتون جمع ڪرائي سگهندا، ان بعد ڪا به درخواست قابل قبول نه هوندي، ايم ڊي ڪيٽ ٽيسٽ جي حتمي نتيجن جو اعلان 18 ڊسمبر تي ڪيو ويندو، راڻيپور جي ڳوٺ بلاول ڪلهوڙو واسي پوزيشن کڻندڙ شاگرد مزمل عباسي پنهنجي اخبار سان ڳالهائيندي چيو ته مان هڪ استاد جو پٽ آھيان، سچل سرمست ڊگري ڪاليج جو شاگرد آهيان، مان پنهنجي والد ۽ استادن جو ٿورائتو آھيان جن محنت ڪري مون کي پڙھايو، پوري سنڌ ۾ چئن ٻارن 192 اسڪور ڪيو آهي، هن چيو ته شاگردن کي چوندس ته سرڪاري ادارا بهتر آھن، جتي والدين جو خرچ به گهٽ ٿئي ٿو، هن چيو ته پيپر ليڪ نه ٿيو، جنهن سبب پيپر بهتر انداز ۾ ٿيو، شاگرد جي والد استاد جاويد عباسي ڳالهائيندي چيو ته مون کي  تمام خوشي ٿي آهي منهنجو اولاد پنهنجي محنت سان پنهنجي منزل تي پهتو آهي، اسان جي پوري فيملي خوش آهي.

Leave A Comment