ايم ڪيو ايم جا 3 مبينا ٽارگيٽ ڪلرز سنڌ سيڪريٽريٽ حملي ڪيس مان بري
آڪٽوبر 31, 2023
ڪراچي جي دهشتگردي ٽوڙ عدالت سنڌ سيڪريٽريٽ تي راڪيٽ لانچر سان حملي واري ڪيس جو فيصلو ٻڌائي ڇڏيو
دهشتگردي ٽوڙ عدالت 29ورهين بعد فيصلو ٻڌائيندي ٽن جوابدارن کي باعزت بري ڪري ڇڏيو
عدالت ايم ڪيو ايم جي مبينا ٽارگيٽ ڪلرز سعيد ڀرم، فهيم مرچي ۽ ناصر خجي کي بري ڪري ڇڏيو
عدالتي فيصلي ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته جيڪڏهن جوابدار ڪنهن ٻئي ڪيس ۾ نامزد ناهن ته کين آزاد ڪيو وڃي
پراسيڪيوشن موجب جوابدارن 1995ع ۾ سنڌ سيڪريٽريٽ تي راڪيٽ لانچر سان حملو ڪيو هو، حملي ۾ ان وقت جي وزير نثار کهڙو سميت ٻين جي آفيسن کي تباهه ڪيو ويو ھو
پراسيڪيوشن موجب 2016۾ قانون لاڳو ڪندڙ اداري فهيم عرف مرچي ۽ ناصر عرف خجي کي گرفتار ڪيو هو، جوابدارن اعتراف ڪيو ھو ته سندن ھٿيار سعيد ڀرم فراھم ڪندو ھو