ايم ڪيو ايم جو تعصب : جيڪب آباد ۽ ڪشمورواسين جي ڪراچي اچڻ تي اعتراض

جُون 4, 2023

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) ايم ڪيو ايم جي اڳواڻن هڪ ڀيرو وري پنهنجي تعصب جو مظاهرو ڪندي جيڪب آباد ۽ ڪشمور واسين جي ڪراچي اچڻ تي اعتراض واري ڇڏيا آهن.

پريس ڪانفرنس ۾ ايم ڪيوايم جي اڳواڻ فاروق ستار ۽ مصطفيٰ ڪمال اهڙو اعتراض واريو.

مصطفيٰ ڪمال چيو ته آدمشماري اسان جي ريڊ لائن آهي ان ۾ ڪابه ڪوتاهي قبول ناهي.

هن چيو ته وڏي وزير آدمشماري ۾ ڪشمور ۽ جيڪب آباد جي ماڻهن جي ڪراچي ۾ آبادي ۾ اضافو ڪيو آهي

Leave A Comment