ايم ڪيو ايم پاران ڪراچي بچايو تحريڪ هلائڻ جو اعلان

ايم ڪيو ايم پاران ڪراچي بچايو تحريڪ هلائڻ جو اعلان

ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) ايم ڪيو ايم پاڪستان جي فاروق ستار اعلان ڪيو آھي ته  ڪراچي بچايو تحريڪ ھلائي ويندي جنهن ۾ سمورين سياسي ۽ مذھبي پارٽين ـ واپارين وڪيلن ۽ ٻين ڌرين سان رابطا ڪيا ويندا ـ جنهن بعد ھڪ ڪل جماعتي سيمينار پڻ ڪرايو ويندو . ڪالھ پريس ڪانفرنس ڪندي ھن چيو ته ملڪي بقا ۽ سلامتي ۔  تعمير ۽ ترقي سڀ ڪراچي سان لاڳاپيل آھن انھي کانسواء ممڪن ناھي۔ پاڪستان بچائڻو آھي ته پھرين ڪراچي کي بچائڻو پوندو۔  ڪراچي کي اھو حق ڏيڻو پوندو جيڪو ڪراچي جو آھي ماٽيلي ماء کان به بدتر سلوڪ ڪيو پيو وڃي پر پوء به ڪراجي پنهنجو حق ادا ڪري پيو