ايم9 خوني بڻجي ويو: هڪ ڏينهن ۾ 2 حادثا: 3 عورتن سميت 7 فوت: 7 زخمي: دانهون

ايم9 خوني بڻجي ويو: هڪ ڏينهن ۾ 2 حادثا: 3 عورتن سميت 7 فوت: 7 زخمي: دانهون

ملير (رپورٽر) ايم 9 خوني بڻجي ويو: هڪ ڏينهن ۾ 2 حادثا: 7 فوت: 7 زخمي: دانهون، ان ڏس ۾  ڊي ايڇ اي سٽي ويجهو ايم 9 موٽر وي تي ڪيتريون ئي گاڏيون پاڻ ۾ ٽڪرائجي ويون، ڊمپر ۽ وين  جي ٽڪر ۾ هڪ عورت ۽ هڪ ٻار سميت 4 ڄڻا فوت ٿي ويا، 3 ڄڻن جي سڃاڻپ 50 ورهين جي حميده زال غلام رسول، 47 ورهين جي عبدالباري پٽ نور محمد ۽ 45 ورهين جي ويلي پٽ نور محمدطور ٿي، جڏهن ته  هڪ ٻار جي سڃاڻپ ناهي ٿي حادثي ۾ ٽن عورتن سميت 4 ڄڻا زخمي ٿيا. پوليس موجب فوتين ۽ زخمين کي  نجي اسپتال منتقل ڪيو ويو، ٻئي طرف موٽر وي ترجمان موجب برسات سبب روڊ تي ترڪڻ جي نتيجي ۾ حادثو پيش آيو، موٽروي پوليس متاثرين کي ريسڪيو ڪيو. هوڏانهن بحريا ٽائون وٽ تيز رفتار فارچيونر ۽ ھاءَ روف  آمهون سامهون ٽڪراجي ويون، جنهن جي  نتيجي ۾ ٻن عورتن سميت 3 ڄڻا مريم ثاقب زال ثاقب,سيده شازه فاطمه ڌي سلمان جعفري ۽ باقر حسين ڪاظمي فوت ٿي ويا  جڏھن ته زخمين ۾ رائو سفيان، رائو علي شان ۽ ابراهيم جوکيو شامل آهن پوليس موجب رانگ سائيڊ کان ايندڙ ھاءِ روف  فارچونر سان ٽڪرائجي وئي