| ايندڙ سال سانوڻي ۾ طوفاني برساتن جي اڳڪٿي |
اسلام آباد(م ڊ) نيشنل ڊزاسٽر مينيجمينٽ اٿارٽي 2026ع سانوڻي ۾ معمول کان 22 کان 26 سيڪڙو وڌيڪ برساتن جي اڳڪٿي ڪندي خبردار ڪيو آهي ته ملڪ ۾ موسم جي شدت وڌي رهي آهي ۽ ان جي اثرن کي منهن ڏيڻ لاءِ ڀرپور تياري اڻٽر آهي. ڊي جي اين ڊي ايم اي طرفان جاري ڪيل بيان موجب درياهن ۾ امڪاني چاڙهه جي حوالي سان سفارشون تيار ڪيون ويون آهن، اين ڊي ايم اي 6 کان 8 مهينا اڳ صوبن کي ارلي وارننگ فراهم ڪندو آهي ته جيئن اڳواٽ قدم کڻي سگهجن، جيڪڏهن رابطو برقرار رکيو وڃي ته صوبائي حڪومتون بهتر قدم کڻي سگهن ٿيون ۽ نقصان گهٽائي سگهجي ٿو.