ايندڙ سال 16 رٿائون مڪمل ٿينديون

جُون 18, 2025

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ ) ثقافت واري وزير ذوالفقار شاهه چيو آهي ته ايندڙ سال ثقافت کاتي جون  16 رٿائون، مڪمل ٿينديون، موهين جو دڙو تي هر سال 10 هزار غير ملڪي سياح ۽ لکين پاڪستاني  گهمڻ ايندا آهن اهڙو اظهار هن سنڌ اسيمبلي جي اجلاس ۾ خطاب ڪندي ڪيو.

 سنڌ اسيمبلي جو اجلاس ڊپٽي اسپيڪر انٿوني نويد جي صدارت هيٺ ٿيو، ثقافت واري وزير ذوالفقار شاهه وڌيڪ چيو ته مٺي ۾ ڊيزرٽ جيپ ريلي ڪڍنداسين، گورک ھل اٿارٽي جو روڊ سنڌ  حڪومت ٺاھي ٿي ڪراچي کان نوري آباد رستي کان کيرٿر نيشنل پارڪ وٽان  ٿيندو روڊ گورک ويندو،  اهو روڊ نيشنل پارڪ مان گذري به سگھي ٿو پر ان حوالي اسٽي به آھي، ڪوشش ڪبي  اسٽي ختم ڪرايون.

 ايندڙ سال ثقافت کاتي جون  16 رٿائون مڪمل ٿينديون، موهين جو دڙو تي هر سال 10 هزار غير ملڪي سياح ۽ لکين پاڪستاني  گهمڻ ايندا آهن. موهين جو دڙو کي ورلڊ هيريٽيج  ڊڪليئر ڪيو ويو آهي، ڪينجهر ڍنڍ تي به ڇنڇر آچر تي هزارين. سياح ايندا آهن ۽ ڪمرا ٿورا آهن  اتي وڌيڪ ڪمرا ٺاهيا ويندا.

لاڳاپيل پوسٽون

  • ايم ڪيو ايم باني الطاف حسين سخت بيمار، لنڊن جي اسپتال ۾ داخل

  • پريالوءِ ڀرسان اڻڄاتل هٿياربندن جي فائرنگ ۾نوجوان قتل

  • جهڏو: لاڪ اپ مان فرار جوابدار ڪراچي مان گرفتار

  • نيب جوڪنڌڪوٽ ۾ڇاپو، خوراڪ کاتي جي عملدارن کان جاچ