| ايندڙ صدارتي اميدوار؟ آمريڪي پرڏيهي وزير اهم فيصلن مان غائب |
لنڊن (م ڊ) برطانوي اخبار فنانشل ٽائمز جي هڪ رپورٽ ۾ انڪشاف ڪيو ويو آهي ته آمريڪي پرڏيهي وزير مارڪو روبيو، جيڪو قومي سلامتي صلاحڪار پڻ آهي، اهم عالمي معاملن ۾ غير معمولي طور تي پس منظر ۾ رهيو آهي، خاص طور تي ايران جنگ مان پيدا ٿيندڙ بحران ۾ به منظر عام تي نه آيو آهي. پاڪستان ۾ ڳالهين ۾ به ر مارڪو روبيو جي غير موجودگي قابل ذڪر هئي. ماهرن موجب روبيو ڄاڻي واڻي ايران جهڙي پيچيده ۽ غير مقبول مسئلي کان فاصلو رکي رهيو آهي ته جيئن امڪاني ناڪامي جو بار مٿس نه پوي، خاص طور تي اهڙي وقت ۾ جڏهن هو مستقبل ۾ صدارتي اميدوار بڻجڻ جو خواهشمند آهي. رپورٽ ۾ اهو به چيو ويو آهي ته جيتوڻيڪ روبيو کي ٽرمپ انتظاميه ۾ هڪ وفادار اتحادي سمجهيو ويندو آهي، پر اهم پرڏيهي پاليسي فيصلن ۾ سندس ڪردار محدود نظر اچي ٿو. سندس ڌيان لاطيني آمريڪا تي وڌيڪ رهيو آهي، جڏهن ته ايران جهڙن وڏن بحرانن ۾ ٻين شخصيتن کي سامهون آندو پيو وڃي. هينري ڪسنجر کان پوءِ روبيو واحد شخص آهي جيڪو هڪ ئي وقت ٻه اهم عهدا سنڀالي پيو پر سندس اثر گهٽ آهي. ٻئي طرف وائيٽ هائوس ان تاثر کي رد ڪري ڇڏيو آهي ته روبيو هر وڏي قومي سلامتي جي مسئلي ۾ ملوث آهي پر فنانشل ٽائمز جي هڪ رپورٽ موجب ٽرمپ انتظاميه جو پرڏيهي پاليسي جو انداز عملي طور تي تبديل ٿي چڪو آهي، جتي روايتي سفارتڪاري جي بدران مخصوص سفيرن ۽ محدود دائري تي وڌيڪ ڀروسو ڪيو پيو وڃي.