لنڊن(پنهنجي ڊيسڪ) ايشيائي ترقياتي بينڪ خبردار ڪيو آهي ته ايندڙ مالي سال دوران به پاڪستان کي مهانگائي ۽ معاشي ڏکيائن جو منهن ڏسڻو پوندو
ايشيائي ترقياتي بينڪ جي هڪ رپورٽ ۾ چيو آهي ته هلندڙ مالي سال دوران اليڪشن ڪرائڻ سان پاڪستان جي معيشت سڌري سگهي ٿي، چونڊون ڪرائڻ سان ئي پاڪستان جي معيشت کي اعتماد ملندو
رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته مالي سال 2024 دوران به پاڪستان کي مهانگائي ۽ معاشي ڏکيائين جو منهن ڏسڻو پوندو، هلندڙ سال مهانگائي جي مجموعي شرح 25 سيڪڙو رهندي، توانائي جي قيمت ۾ اضافي ۽ روپئي جي ملهه ۾ گهٽتائي سان هلندڙ مهانگائي ۾ واڌ جو خدشو آهي
رپورٽ موجب پاڪستان کي معاشي پيداوار جي شرح ۾ اضافي ۽ استحڪام لاءِ سڌارن جي ايجنڊا تي عمل ڪرڻو پوندو، پاڪستان لاءِ مارڪيٽ بيسڊ ايڪسچينج ريٽ ۽ پاور سيڪٽر ۾ سڌارا ضروري آهن