ايندڙ مهيني کان تيل پيداوار ۾ اضافي جو فيصلو

ايندڙ مهيني کان تيل پيداوار ۾ اضافي جو فيصلو

رياض (م ڊ) اوپيڪ پلس تنظيم ۾ شامل ملڪن سعودي عرب، روس، عراق، ڪويت، قازقستان، الجزائر ۽ عمان جي وزيرن جي ورچوئل اجلاس ۾ تيل جي روزاني پيداوار ۾ هڪ لک 88 هزار بيرل واڌ ڪرڻ جو فيصلو ڪيو آهي. رپورٽن موجب پيداوار ۾ واڌ جو فيصلو ايندڙ مهيني کان لاڳو ٿيندو. واضح رهي ته آمريڪا سان جنگ دوران ايران طرفان آبنائي هرمز بند ڪرڻ سبب تيل جي پيداوار ۾ گهٽتائي ڪرڻي پئي هئي.