ايندڙ مڪاني چونڊن ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص واپس وٺنداسين: خورشيدي

ايندڙ مڪاني چونڊن ۾ ڪراچي، حيدرآباد ۽ ميرپورخاص واپس وٺنداسين: خورشيدي

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) حيدرآباد ۾ ايم ڪيو ايم پاڪستان طرفان ڪوهنور چوڪ تي جلسو منعقد ڪيو ويو. سنڌ اسيمبلي ۾ مخالف ڌر جي اڳواڻ علي خورشيدي، سنڌ تنظيمي ڪميٽي جي انچارج سليم رزاق، ڪميٽي جا ميمبر، ضلعي آرگنائيزر ظفر احمد، ايم پي اي راشد خان ايڊووڪيٽ سان گڏ لبرٽي چوڪ تي پريس ڪانفرنس ڪندي چيو ته حيدرآباد جي رهواسين کي ٽن مهينن کان پيئڻ جو پاڻي نه ملي رهيو آهي. هي حيدرآباد جي مقامي اختيار واسا جي بنيادي ذميواري آهي. پاڻي موجود آهي پر پاڻي پهچائڻ وارو ادارو انتظامي طور تي تباهه ٿي چڪو آهي. حيدرآباد کي 125 ايم جي ڊي پاڻي جي ضرورت آهي. 18 سالن ۾ پيپلز پارٽي سڄي حيدرآباد ۾ 5 ايم جي ڊي فلٽر پلانٽ لڳاياآهن. هن چيو ته حيدرآباد مسئلن جو ڍير بڻجي رهيو آهي، هن چيو ته صحت جون سهولتون نه آهن، حيسڪو لوڊشينڊنگ ڪري شهرين کي عذاب ۾ وڌو آهي. حيدرآباد سول اسپتال ۾ صحت جي سهولت ناهي. سنڌ پبلڪ سروس ڪميشن ۾  ڪرپشن ڪري ميرٽ جي لتاڙ ڪئي وئي آهي، هن چيو ته ايم ڪيو ايم ايندڙ مڪاني چونڊن ۾ ڪراچي، حيدرآباد، ميرپورخاص انهن کان واپس وٺندي، هن وقت عمرڪوٽ، شڪارپور شهر جي حالت به تمام خراب آهي. هن چيو ته سنڌ ۾ ايڊز 2020 ۾ لاڙڪاڻي کان شروع ٿيو، هاڻي  ڪراچي ۾ ڪيس وڌيڪ ٿي رهيا آهن. هن وڌيڪ چيو ته جلسي خالد مقبول صديقي سميت مرڪزي اڳواڻ شرڪت ڪندا.