ايندڙ هفتي  ترميم جي ڪا صورت سامهون اچي ويندي: خواجه آصف

ايندڙ هفتي  ترميم جي ڪا صورت سامهون اچي ويندي: خواجه آصف

اسلام آباد(م ڊ) بچاءَ واري وزير خواجه آصف افغانستان جي حڪومت کي خطي ۾ امن لاءِ دانشمندي سان فيصلا ڪرڻ تي زور ڏيندي چيو آھي ته هن چيو ته پاڪ–افغان ڳالهين ۾ اڳڀرائي جي اميد ھوندي آھي ته تڏھن ڳالھيون ڪيون وينديون آھن. دفاع واري وزير خواجه آصف پارليامينٽ ٻاهران صحافين سان ڳالهائيندي چيو ته نٿو چئي سگهجي ته ڪهڙا بحث هلي رھيا آهي، ڪجهه اعتراض ڪيا ويا آهن، تنهنڪري ان تي تبصرو ڪرڻ مناسب ناھي، 27 هين آئيني ترميم جي معاملي تي هن چيو ته ايندڙ هفتي آئيني ترميم جي ڪا نه ڪا صورت سامهون اچي ويندي، بلاول ڀٽو جو حق آهي هو پنهنجي راءِ جو اظهار ڪري سگهي ٿو، خواجه آصف چيو ته سڀني پارٽين سان صلاح مشوري کانپوءِ جيڪو نتيجو نڪرندو اھو سامھون آندو ويندو . افغانستان سان ڳالهين بابت هن چيو ته پاڪ–افغان ڳالهين ۾ اڳڀرائي جي اميد ھوندي آھي تڏھن ڳالھيون ڪندا آھيون، جيڪڏھن اڳڀرائي جو امڪان نه ھجي ته پوءِ ڳالھيون وقت ضايع ڪرڻ آھي. خواجه آصف چيو ته پاڪستاني وفد استنبول روانو ٿي ويو آهي ۽ سڀاڻي ڳالهين جو آغاز ٿيندو، افغانستان وارن کي خطي ۾ امن قائم رکڻ لاءِ سمجهداري سان قدم کڻڻ گهرجن.