| ايندڙ هفتي ٽرمپ نيتن ياهو ملاقات جو امڪان |
واشنگٽن (م ڊ) آمريڪي صدر ڊونلڊ ٽرمپ چيو آهي ته اسرائيلي وزيراعظم بينجمن نيتن ياهو ايندڙ هفتي وائيٽ هائوس جو دورو ڪري سگهي ٿو. صدر ٽرمپ نيتن ياهو سان پنهنجي لاڳاپن بابت چيو ته هو ڄاڻي ٿو ته ڪير باس آهي. آمريڪي ويب سائيٽ ايگزيوز سان هڪ انٽرويو ۾ صدر ٽرمپ اسرائيلي وزيراعظم جو حوالو ڏيندي چيو ته اسان جو تمام سٺو تعلق آهي ۽ نيتن ياهو ڄاڻي ٿو ته ڪير باس آهي. ايران سان جنگ ۽ لبنان ۾ اسرائيل جي ڪارروائي تي ٻنهي اڳواڻن جي وچ ۾ ڇڪتاڻ جي رپورٽن جي باوجود صدر ٽرمپ ۽ نيتن ياهو جي وچ ۾ ملاقات متوقع آهي. هڪ اسرائيلي آفيسر ايگزيز کي اهو به ٻڌايو ته ايندڙ هفتي ملاقات تمام جلد ٿي سگهي ٿي، ڇاڪاڻ ته صدر ٽرمپ ٻن ڏينهن بعد نيٽو سربراهي اجلاس ۾ شرڪت لاءِ ترڪي جو دورو ڪرڻ وارو آهي. آفيسر مطابق ملاقات نيٽو سربراهي اجلاس کان پوءِ هفتي ۾ ٿي سگهي ٿي. اسرائيلي وزيراعظم جي آفيس اهو به اعلان ڪيو آهي ته ڊونلڊ ٽرمپ ۽ نيتن ياهو جمعي تي ٽيليفون تي ڳالهايو ۽ آمريڪا ۾ جلد ملڻ تي اتفاق ڪيو.