ايندڙ وزيراعظم لاهور مان نه ٿيندو: غير آئيني قدمن تي صدرعلوي جو ٽرائل ٿيڻ کپي : بلاول

نومبر 7, 2023

ڪراچي(رپورٽ: فقير سليم) پ پ چيئرمين بلاول ڀٽو زرداري چيو آهي ته اسان ڪنهن ٻئي ڏانهن نه پر عوام ڏانهن ڏسون پيا، ايندڙ وزيراعظم لاهور مان نه ٿيندو، ايندڙ حڪومت پ پ جي ٺهندي، سمورا نام نهاد سياسي مخالف گڏجي به پ پ کي شڪست  ڏئي نٿا سگهن، ڪالهه  هتي گذري گرائونڊ جي دوري کانپوءِ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته ننڍي مڪاني چونڊ ۾ عوام ٻيهر تير تي اعتماد ڪيو آهي، 8 فيبروري تي ثابت  ٿيندو ته ڪراچي کان ڪشمير تائين عوام پيپلز پارٽي سان گڏ آهي، آصف زرداري ۽ نواز شريف وچ ۾ رابطي بابت سوال تي ي هن چيو ته رابطن واري خبر  پراڻي آهي، اهو رابطو نوازشريف جي لاهور واپسي بعد ٿيو هو، آصف زرداري جا نواز شريف سميت سڀني ڌرين سان  رابطا آهن ، جيڪڏهن ڪو فون ڪري ته ان کي ايتري وڏي خبر نه ٿيڻ گهرجي. هن چيو ته اسان اليڪشن پنهنجي سگهه  تي وڙهنداسين، مڪاني  اليڪشن ٽريلر هو.  8 فيبروري پيپلز پارٽي جي فتح جو ڏينهن هوندو.ملڪ ۾ مهانگائي ۽ غربت تاريخي سطح تي آهي، هن وقت ملڪ کي عوام دوست حڪومت جي ضرورت آهي، پيپلز پارٽي هميشه عوام دوست منصوبا پيش ڪيا. هن چيو ته اسان ميدان ۾ آهيون ۽ کٽي رهيا آهيون. اسان اليڪشن لاءِ هردم تيار آهيون، مخالف ننڍي چونڊ ۽  نومبر ۾ مڪاني چونڊ کان ڀڄي ويا هئا، اليڪشن بابت اوهان انهن کان پڇو،  8 فيبروري تي ثابت ڪنداسين ته تير جي نشان جي فتح ٿيندي پ پ چيئرمين چيو ته دهشتگردي جي حوالي سان پيپلزپارٽي ۾ ڪو مونجهارو ناهي، اسان کي خبر آهي ته دهشتگرد ڪير آهن ۽ انهن سان ڪيئن وڙهڻو آهي.؟ آمريڪين پاران ڇڏيل  هٿيار افغانستان ۾ مختلف گروپن جي هٿن ۾ اچي ويا آهن. اسان چونڊ کٽي نيشل پلان تي عمل ڪري دهشتگردي جو خاتمو آڻينداسين،  بلاول ڀٽو وڌيڪ چيو ته آئين صدر عارف علوي کي عهدي تي رهڻ جي اجازت ڏئي ٿو، نئين صدر جي حلف کڻڻ تائين عارف علوي عهدي تي رهي سگهي ٿو، باقي صدر علوي جي غير آئيني قدمن تي سندس ٽرائل ٿيڻ گهرجي، 9 مئي جي ذميوارن کي عام معافي ڏيڻ بابت سوال جي موٽ ۾  پ پ چيئرمين چيو ته حساس تنصيبات تي حملا ڪندڙن کي عوام ۽ سياسي پارٽيون معاف نه ڪنديون، باقي جيڪي سازش ۽ حملي ۾ ملوث ناهن، انهن لاءِ معافي جي گنجائش هجڻ گهرجي. بلاول ڀٽو چيو ته پنجاب ۾ ترقياتي منصوبن تي ڪم جاري آهي، جڏهن ته اليڪشن ڪميشن سنڌ ۾ ترقياتي منصوبا مڪمل ٿيڻ نه ڏنا، اسان اليڪشن ڪميشن کي خط لکيو پر پوءِ به سنڌ ۾ ترقياتي ڪم شروع نه ٿيا، هن چيو ته رڳو سنڌ جي عوام کي روزگار ۽ ترقياتي ڪمن کان محروم رکيو پيو وڃي

Leave A Comment