ايندڙ 24 ڪلاڪ اهم: ملڪ جي مختلف علائقن ۾ برسات جي اڳڪٿي، ٻوڏ جو خطرو
جُون 29, 2025
اسلام آباد (پنهنجي ڊيسڪ) نيشنل ڊزاسٽر مئنيجمينٽ اٿارٽي (اين ڊي ايم اي) ملڪ جي مختلف حصن ۾ برساتن سبب امڪاني ٻوڏ جو الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.
ملڪ جي مختلف شهرن ۾ ٻن ڏينهن کان وقفي وقفي سان ٿيندڙ برسات کانپوءِ ڪابل ندي جو وهڪرو وڌي ويو آهي.
سوات درياءَ مان وڏا وهڪرا ڪابل درياءَ ۾ داخل ٿيڻ کانپوءِ ضلعي انتظاميا الرٽ جاري ڪري ڇڏيو آهي.
خيبرپختونخواهه جي علائقن ۾ تيز برساتن جو امڪان آهي، جڏهن ته گليشيئر گهرڻ سبب گلگت بلتستان جي ڪجهه علائقن ۾ ٻوڏ جو خطرو آهي.
ان کان علاوه پنجاب جي ڪيترن ئي شهرن ۾ ٻوڏ جو خطرو آهي. سنڌ جي ڪيترن ئي شهرن ۾ تيز برسات جي اڳڪٿي پڻ ڪئي وئي آهي.