| اينٽي ڪرپشن ڊائريڪٽرز ۾ جھيڙو، هڪ ٻئي کي ڌمڪيون |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) اينٽي ڪرپشن جي ڊپٽي ڊائريڪٽر ۽ اسسٽنٽ ڊائريڪٽر ۾ جهيڙو ٿي پيو، جنهن ۾هڪٻئي کي ڌمڪيون ڏنيون ويون. ان ڏس ۾ سب انسپيڪٽر ڪبير جي فرياد تي اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عمران شيخ خلاف ميٺادر ٿاڻي تي ڪيس داخل ڪيو ويو. فريادي موجب اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عمران شيخ ڊپٽي ڊائريڪٽر عمر فاروق مهر جي آفيس ۾ زبردستي داخل ٿيو ۽ پنهنجو چشمو زور سان ٽيبل تي اڇلايو. اسسٽنٽ ڊائريڪٽر عمران شيخ شور مچايو ۽ ڊپٽي ڊائريڪٽر سان بدتميزي ڪندي چيو ته مون کي شوڪاز نوٽيس ڇو ڏنو اٿئي. عمران شيخ ڊپٽي ڊائريڪٽر کي ٽنگون ٽوڙڻ جون ۽ موتمار ڌمڪيون ڏنيون، سڄو اسٽاف گڏ ٿي ويو، عمران شيخ سرڪاري ڪم ۾ مداخلت ڪئي، ڌمڪيون ڏنيون، ڊپٽي ڊائريڪٽر صورتحال خراب ٿيڻ کان بچڻ لاءِ آفيس مان نڪري ويو