اينٽي ڪرپشن کي فردوس شميم نقوي کي تنگ نه ڪرڻ جو حڪم

اينٽي ڪرپشن کي فردوس شميم نقوي کي تنگ نه ڪرڻ جو حڪم

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ هاءِ ڪورٽ مدعي جي شڪايت واپس وٺڻ باوجود هراسان ڪرڻ خلاف بلڊر جي داخل درخواست تي اينٽي ڪرپشن کي نوٽيس جاري ڪري ڇڏيا, درخواست گذار نوبل پرائيويٽ لميٽيڊ چيو ته 2022,23 ۾ اسڪيم 33 ۾ قانون مطابق تعميراتي پراجيڪٽ بند ڪري الاٽيز کي سندن رقم واپس ڪري ڇڏي, ڪنهن کي به ڪا شڪايت ناهي,  انهي باوجود اينٽي ڪرپشن پاران سياسي بنيادن تي هراسان ڪيو پيو وڃي,  عدالت اينٽي ڪرپشن کي هراسان ڪرڻ کان روڪيندي ٽن هفتن ۾ جواب طلب ڪري ورتو,  ياد رهي ته نوبل پرائيويٽ ليميٽڊ تحريڪ انصاف جي اڳوڻي ايم پي اي فردوس شميم نقوي جي ڪمپني آهي.