اينگرو ٿر ۽ قادرپور پاور، ڪول مائيننگ جا شيئر وڪڻي ڇڏيا: ملازمن کي 2 سالن جي گارنٽي

اپريل 4, 2024

ڪراچي (رپورٽ: فقير سليم ) ٿر جي ڪوئلي ۽ قادرپور ۾گيس مان بجلي جي پيدا ڪندڙ نجي ڪمپني اينگرو توانائي واري شعبي ۾ پنهنجا سمورا شيئر وڪڻي ڇڏيا آهن

لبرٽي پاور ڪمپني کي 33 ارب رپين ۾ قادرپور، ٿر ۽ سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جا شيئر وڪرو ڪرڻ واري معاهدي بعد اسٽاڪ ايڪسچينج کي خط لکيو ويو

 اينگرو ڪمپني جي سيڪريٽري پاران اسٽاڪ ايڪسچينج جي جي ايم کي لکيل خط ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته اينگرو پاورجن قادرپور ليميٽڊ جا 68.9سيڪڙو، اينگرو پاورجن ٿر جا 50.1سيڪڙو ۽ سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جا 11.9سيڪڙو شيئرز لبرٽي پاور هولڊنگ ڪمپني کي وڪرو ڪري ڇڏيا آهن

 قادر پورپاورجن جا شيئر ساڍا 7 ارب، اينگرو پاورجن ٿر جا 21 ارب 4 ڪروڙ ۽ سنڌ اينگرو ڪول مائننگ ڪمپني جا شيئر  6 ارب 21 ڪروڙ ۾ وڪرو ڪيا ويا آهن، جنهن جو معاهدو ٿي چڪو آهي

ان حوالي سان اينگرو جي صدر غياث خان ڪمپني جي سمورن ملازمن کي ڪمپني جا شيئر وڪرو ڪرڻ بابت آگاھي ڏيڻ لاءِ ليٽر  لکي ڄاڻايو آهي ته اينگرو قادرپور پاورجن ۽ اينگرو پاورجن ٿر جي سمورن ملازمن کي ٻن سالن تائين ساڳين پوزيشن تي ئي رکيو ويندو

 خط ۾ سنڌ ڪول اينگرو مائننگ ڪمپني جي ملازمن کي اهڙي ڪا به  خاطري ناھي ڪرائي وئي، جنهن سبب سنڌ ڪول مائننگ ڪمپني جي 350 ملازمن ۾ بي چيني پکڙيل آھي

Leave A Comment