| اينگري ينگ مين شاهد ڪپور جي “او روميو” جو ٽيزر جاري |
ممبئي (ڪلچرل ڊيسڪ) بالي ووڊ جي ناليواري هدايتڪار وشال ڀاردواج جي نئين فلم ”او روميو“ جو ٽيزر جاري ٿي ويو، انهي فلم ۾ شاهد ڪپور مُک ڪردار ادا ڪري رهيو آهي. او روميو جي ٽيزر کي يوٽيوب تي شروعاتي 7 ڪلاڪن ۾ 30 لک ماڻهو ڏسي چڪا آهن. هڪ منٽ 35 سيڪنڊن تي ٻڌل ٽيزر ۾ شاهد ڪپور کي پُرتشدد ۽ جذباتي ڪردار ۾ ڏيکاريو ويو آهي، فلم رومانس، ايڪشن ۽ هڪ غير روايتي ڪهاڻي تي ٻڌل آهي.ڪائو بواءِ هيٽ، ڪاري گَنجي، ڳچيءَ ۾ چين ۽ جسم تي ٽيٽوز سجيل شاهد ڪپور کي ڪاوڙيل ڏيکاريو ويو آهي. فلم جي ٻي ڪاسٽ ۾ فريده جلال، نانا پاٽيڪر، وڪرانت ميسي، ترپتي ڊمري، ديشا پٽاني، تمنا ڀاٽيا ۽ اويناش تيواڙي شامل آهن.
فلمي شوقين فريده جلال جي ڊائلاگن ۽ شاهد ڪپور جي وائلنٽ اداڪاري جي واکاڻ ڪري رهيا آهن.اهي شاهد ڪپور جي ڪردار کي فلم ” ڪميني “ سان ڀيٽي رهيا آهن، جيڪا پڻ وشال ڀاردواج جي هدايتڪاري هيٺ ٺهي هئي. واضح رهي ته ” او روميو “ جي ڪهاڻي وشال ڀاردواج ۽ روهن ناروولا گڏجي لکي آهي، جڏهن ته ساجد ناڊياوالا پروڊيوسر آهي، فلم 13 فيبروري تي رليز ٿيندي.