اين آءِ سي ايچ  ۾ دوائن جو بحران: مريض سرنجن لاءِ به پريشان

اين آءِ سي ايچ  ۾ دوائن جو بحران: مريض سرنجن لاءِ به پريشان

ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) سنڌ ۾ ٻارڙن جي سڀ کان وڏي اسپتال اين آءِ سي ايچ  ۾ دوائن جو خطرناڪ بحران، اسپتال جي فارميسي خالي ٿي وئي، مريض سرنجن لاءِ به پريشان، ان حوالي سان مليل ڄاڻ موجب  ساليانو اڍائي ارب جي بجيٽ رکندڙ اين آءِ سي ايچ انتظاميا جي نااهلي سبب اسپتال ۾ داخل ۽ ايمرجنسي ۾ ايندڙ مريض سرنج سميت هر دوا لاءِ پريشان ٿي ويا آهن. اين آءِ سي ايچ جي فارميسي ۾ ايمرجنسي سميت مختلف وارڊن طرفان فارميسي ڏانهن اماڻيل ميڊيسن جي ڊيمانڊ بعد فارميسي خالي هجڻ جو معاملو ڦاٽي پيو آهي، اسپتال ۾ مختلف ضلعن کان ايندڙ مريض سرنج کان وٺي مختلف دوائون ٻاهران خريدڻ تي مجبور ٿي ويا آهن.