| اين آءِ سي وي ڊي ۾ دل جي پيوندڪاري شروع ڪرڻ جو فيصلو |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه اين آءِ سي وي ڊي ۾ دل جي پيوندڪاري پروگرام جي اجازت ڏئي ڇڏي ، ڪالهه اداري جي گورننگ باڊي جي 85 هين اجلاس جي صدارت ڪندي وڏي وزير چيو ته نه رڳو سنڌ پر سڄي پاڪستان جي مريضن کي دل جي بيمارين جو مفت، معياري ۽ آسان علاج فراهم ڪيو پيو وڃي، گورننگ باڊي ليفٽ وينٽريڪولر اسسٽ ڊوائس ٽيڪنالاجي تي ٻڌل ”ايڊوانسڊ هارٽ فيليئر پروگرام“ جي منظوري ڏني، جڏهن ته اين آءِ سي وي ڊي کي مستقبل ۾ دل جي پيوندڪاري پروگرام لاءِ شروعاتي ڪم شروع ڪرڻ جو اختيار ڏنو۔ اجلاس کي آگاهي ڏني وئي ته سال 2025ع دوران اداري 9,279 پرائمري پي سي آءِ پروسيجر، 3,069 ٻارن جي ڪيٿيٽرائيزيشن ۽ انٽروينشنز، 291 پي ٽي ايم سي پروسيجر، 40 ٽاوي پروسيجر، 5,649 ارلي انويزو پروسيجر، 889 اليڪٽو اينجيوپلاسٽيز، 1400 کان وڌيڪ دل جون سرجريون،18,875 اينجيوگرافيون ڪيون، اين آء سي وي ڊي ۾ بلوچستان، پنجاب، ڪي پي، ڪشمير ۽ گلگت جي 13 لک کان وڌيڪ مريضن جو علاج ڪيو ويو گورننگ باڊي چيف آپريٽنگ آفيسر (BPS-19) ۽ چيف فنانشل آفيسر (BPS-19) جي عهدن تي ٻن سالن لاءِ ڀرتي جي منظوري ڏني۔گورننگ باڊي آمريڪا ۾ رهندڙ دل جي ماهر پروفيسر جاويد سليمان جي اين آءَ سي وي ڊي ۾ بطور پروفيسر آف ڪارڊيالوجي ۽ ميڊيڪل ڊائريڪٽر رضاڪارانه مقرري جي منظوري ڏني، جنهن سان اداري يا سنڌ حڪومت تي ڪوبه مالي بار نه پوندو، ٻارن جي علاج لاء ڪارڊيولوجي ڊپارٽمينٽ لاءِ ميڊيڪل آفيسر (BPS-17) جي پوسٽ پيدا ڪرڻ جي منظوري ڏني وئي۔