اين آءِ سي وي ڊي ۾ پگهارن، پينشن ۽ دوائن ۾10اربن جي هيراڦيري جو انڪشاف  

اين آءِ سي وي ڊي ۾ پگهارن، پينشن ۽ دوائن ۾10اربن جي هيراڦيري جو انڪشاف  

 ڪراچي (رپورٽ: شاهد ميراڻي) سنڌ ۾ دل جي وڏي اسپتال اين آءِ سي وي ڊي ۾اختيارن جي ناجائز استعمال ۽ سروس قانون جي سنگين خلاف ورزين جو نئون اسڪينڊل ظاهر، مالي سال 2024_25 جي آڊٽ رپورٽ ۾ ڇرڪائيندڙ انڪشاف سامهون اچي ويا، آڊٽ رپورٽ ۾ چيو ويو آهي ته اين آءِ سي وي ڊي ۾ پگهارن جي تعين لاءِ واضح معيار موجود نه هئڻ سبب اداري جي سربراهه اختيارن جو غلط استعمال ڪيو. جنهن ڪري وڌيڪ پگهارون ادا ڪرڻ سبب اداري کي 4 ارب 80ڪروڙ 70 لک رپين کان وڌيڪ جو نقصان پهچايو ويو، جڏهن ته قانون جي ڀڃڪڙي ڪندي ملازمن کي الائونسز جي مد ۾ 4ارب 19 ڪروڙ 10 لک رپين کان وڌيڪ رقم ادا ڪئي وئي، آڊٽ رپورٽ موجب  دوائن جي خريداري ۾ 56 ڪروڙ 90 لک رپين کان وڌيڪ بي ضابطگيون سامهون آيون، جڏهن ته مريضن لاءِ اسٽنٽ جاري ڪرڻ ۽ استعمال ۾ 47 ڪروڙ 70 لک رپين کان وڌيڪ بي قاعدگيون ظاهر ٿيون آهن، آڊٽ رپورٽ موجب ته اين آءِ سي وي ڊي اختيارين پاران اڃا تائين سروس رولز جي منظوري نه ورتي وئي آهي،  سينارٽي لسٽ کي نظرانداز ڪري من پسندن کي ترقين سان نوازيو ويو، اداري ۾ ڪم ڪندڙ ملازمن جي ڊگرين جي تصديق به ممڪن نه ٿي سگهي آهي. هوڏانهن  اين آءِ سي وي ڊي اختيارين واضح ڪيو آهي ته آڊٽ رپورٽ سمورن کاتن جي آڊٽ لاءِ معمول جو حصو هجي ٿي، ترجمان جو چوڻ آهي ته ميڊيا تي بي ضابطگين بابت هلندڙ خبرن کي رد ڪيون ٿا. ترجمان جو چوڻ آهي ته آڊٽ رپورٽ جي آبزرويشن ابتدائي نوعيت جي هجي ٿي، لاڳاپيل کاتن پاران پنهنجا جواب، وضاحتون ۽ ٻيا دستاويز جمع ڪرائڻ بعد آڊٽ پيرائون ختم ڪيون وينديون آهن، واضح رهي ته اين آءِ سي وي ڊي جي ايگزيڪيوٽو ڊائريڪٽر ڊاڪٽر طاهر صغير مٿان من پسندن کي نوازڻ سميت ٻين معاملن جا الزام آهن، ذريعن جو چوڻ آهي ته آڊيٽر جنرل سنڌ جي رپورٽ کانسواءِ ٽرانسپيرنسي انٽرنيشنل به سنڌ حڪومت جي اعليٰ اختيارين کي خط لکي اين آءِ سي وي ڊي ۾ ڪرپشن جي نشاندهي ڪئي آهي.