اين آءِ سي وي ڊي ۾ ڪرپشن ، وڏي وزير کي خط

جُون 24, 2025

ڪراچي (پنهنجي ڊيسڪ )اين آءِ سي وي ڊي ۾ ڪرپشن جو وڏو انڪشاف، وڏي وزير کي خط، ڪراچي جي  اين آءِ سي وي ڊي ۾ ڪرپشن جو وڏو انڪشاف ٿيوآهي، جنهن بابت  وڏي وزير کي  خط لکي ڄاڻ ڏني وئي آهي، چيف فنانشل آفيسر فيصل عبدالستار اداري جي سربراهه ڊاڪٽر طاهر صغير جي ڪرپشن بابت وڏي وزير کي خط لکي ڇڏيو، چيف فنانشل آفيسر فيصل عبدالستار   جي خط موجب ڊاڪٽر طاهر صغير من پسند نرس جي پگهار  245000 مان غير قانوني نموني 5 لک رپيا ڪري ڇڏي آهي، خط ۾ اهو چيو ويوآهي ته ڊاڪٽر طاهر صغير اين آءِ سي وي ڊي جي قانون جون ڌچيون اڏائيندي ماهوار 1400 ليٽر پيٽرول وٺي رهيو آهي، وڏي وزير کي موڪليل  خط ۾ لکيو ويوآهي ته   ڊاڪٽر طاهر صغير قانون جي خلاف 1800 سي سي جون 2 گاڏيون به پنهنجي استعمال ۾ رکيون آهن .

لاڳاپيل پوسٽون

  • رستم واسي نوجوان جو ڪراچي جي ايڌي سينٽر مان لاش هٿ

  • اداڪارا حميرا اصغر جو پوسٽ مارٽم، فليٽ جي به مسواڙ نه ڏنل هئي

  • لاڙڪاڻي جي ايڌي پينگهي ۾ حوا جي ڌيءَ جي آمد

  • اڇڙي ٿر واسي اغوا، زنجيرن ۾ قيد واري وڊيو وائرل، هڪ ڪروڙ ڀنگ طلب