اين ايف سي ايوارڊ تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو: ناصر شاهه

اين ايف سي ايوارڊ تي ڪو سمجهوتو نه ڪيو ويندو: ناصر شاهه

سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو آهي ته صوبن کي ڪمزور ڪرڻ جي ڪا به سازش قابل قبول نه آهي. پاڪستان سڀ کان اڳ آهي پر اين ايف سي ايوارڊ تي ڪو به سمجهوتو نه ڪيو ويندو. ايم ڪيو ايم جي ڳالهين کي اسان سنجيده ناهيون وٺندا آهي پاڻ کي زنده رکڻ جي لاءِ نوان صوبا ٺاهڻ جي ڳالهه ڪندا آهن. سنڌ جي تقسم جي ڳالهه تي تڪيلف ٿيندي آهي. ٻوري بند لاشون، ماڻهن کي ساڙڻ، تشدد جو خاتمو ڪري ايم ڪيو ايم پاڪستان ٺاهي وئي اسان انهن کي ڀليڪار ڪيو. سکر آءِ بي اي ۾ ڪانووڪيشن ۾ شرڪت ڪرڻ بعد ميڊيا سان ڳالهائيندي صوبائي وزير سيد ناصر حسين شاهه چيو ته جاب پورٽل ۾ شفافيت کي يقيني بڻايو پيو وڃي. نوڪرين وارو عمل شفافيت سان مڪمل ڪيو ويندو. ايندڙ ٽن سالن ۾ جِتي جتي نوڪري هوندي جاب پارٽل ۾ شامل هوندو. تحريڪ انصاف متعلق هن ڳالهائيندي يو ته پي ٽي آءِ جنهن دور مان گذري پئي، ان جو ڪارڻ به منفي پروگينڊا آهي. پي ٽي آءِ جي بهتري پي ٽي آءِ پر امن ۾ آهي سياست پر امن ۾ آهي. بدتميزي جي سياست ختم ڪندا ته ڪامياب ٿيندا. اليڪشن اچڻ وارا آهن انتظار ڪن. ڪارونجهر تي اسان جو موقف واضح آهي. اهم حصو ڪينسل آهي اهو ڪنهن کي نه ڏنو ويندو. ڪجهه حصي تي بهتري اچي ٿي ان ۾ رڪاوٽ نه وڌي وڃي. هن دعويٰ ڪندي چيو ته چئني صوبن ۾ سڀ کان باختيار بلدياتي سسٽم سنڌ صوبي جو آهي. لا ان آرڊر اوهان جي سامهون آهي. هن وقت ماضي کان ڪافي بهتر آهي.