| اين ايف سي ايوارڊ ۽ 18ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ نه ڏبو: شاگردن جي حاضري جاچبي: مراد شاهه |
ڪراچي(اسٽاف رپورٽر) سنڌ جي وڏي وزير سيد مراد شاهه اين ايف سي ايوارڊ ۽ 18هين ترميم کي رول بيڪ ڪرڻ جي ڪنهن به ڪوشش جي مخالفت جو اعلان ڪيو آهي. 27هين ترميم ۾ 18هين جي خاتمي جي ڳالهه نه ٿيندي، جڏهن 27هين ترميم آئي ته ڳالهائينداسين، سنڌ ۾ شاگردن جي حاضري کي مانيٽر ڪرڻ لاءِ ڊجيٽل نظام ايس اي ايم آر ايس جي افتتاحي تقريب کي خطاب ڪندي ۽ ميڊيا سان ڳالهائيندي هن چيو ته پيپلز پارٽي وٽ 27هين ترميم خلاف ڪو هٿيار ناهي، اسان وٽ رڳو محبت ۽ مفاهمت جو هٿيار آهي، آصف زرداري سڀني تي ڀاري نه، پر سڀني سان سندس ياري آهي هن چيو ته شاگردن جو حاضري سسٽم صوبي جي اسڪولن کانپوءِ ڪاليجن ۽ يونيورسٽين ۾ به لاڳو ڪنداسين، اسان کي ڄاڻ هجڻ گهرجي ته ٻار ڪيڏانهن وڃي رهيا آهن.؟ ايس اي ايم آر ايس پهريون ڀيرو سنڌ ۾ متعارف ٿيو آهي، جيڪو شاگردن جي حاضري، اسڪول جي بنيادي ڍانچي، استاد جي ڪارڪردگي ۽ تعليمي نتيجن کي گڏ ڪري ٿو. هي صرف نگراني جو اوزار ناهي پر هڪ اهڙو نظام آهي، جيڪو اسان کي مفروضن تي نه پر ڊيٽا جي بنياد تي فيصلا ڪرڻ جي صلاحيت ڏئي ٿو. اهو اسان جي ٻارن کي درپيش چئلينجن جي سڃاڻپ ۽ تيزيءَ سان اثرائتو جواب ڏيڻ جي سهولت فراهم ڪري ٿو. هن چيو ته هي نظام صرف غيرحاضري جي نگراني لاءِ ناهي پر شاگردن جي اسڪول ڇڏڻ جي خدشي جي اڳڪٿي ڪرڻ ۽ اسڪول جي انتظام کي بهتر بڻائڻ لاءِ پڻ ڊزائين ڪيو ويو آهي. وڏي وزيرچيو ته سليڪٽ SELECT پروجيڪٽ کي ورلڊ بئنڪ ۽ جي پي اي فنڊ ڪري رهيا آهن، 154.7 ملين آمريڪي ڊالرن جو 12 ضلعن ۾ پائلٽ پروگرام ڪم ڪري رهيو آهي.