| اين ايچ اي سنڌ مان ٽيڪس وٺي ٿي پر معياري روڊ ٺاهڻ سندن ترجيح ۾ شامل ناهي: سنڌ هاءِ ڪورٽ |
سکر (رپورٽ: فاروق سومرو) سنڌ هاءِ ڪورٽ بئنچ سکر ۾ موٽر وي ايم 6 جي تعمير نه ٿيڻ، مهراڻ هاءِ وي تي هيوي وهيڪل وڏين گاڏين جي داخلا تي پابندي، سکر سٽي پوائنٽ وٽ رڪاوٽن ۽ سروس روڊ ٺاهڻ وارين درخواستن تي ٻڌڻي ٿي، سکر ۽ شهيد بينظير آباد ڊويزن جا ڊي آءِ جي، اين ايڇ اي عملدار، ٽرانسپورٽ اٿارٽي نمائندو، ايس ايس پي خيرپور ۽ ايس پي ٽريفڪ توڙي ٻيا واسطيدار پيش ٿيا، عدالت سنڌ صوبي مان ٽول ٽيڪس جي آمدني ۽ ٽيڪس آمدني مان روڊن جي ٿيندڙ مرمت سميت ٻين معاملن جي جاچ نيب کان ڪرائڻ جو حڪم ڏئي ڇڏيو، سنڌ هاءِ ڪورٽ سکر ۾ جسٽس ذوالفقار علي سانگي ۽ جسٽس عبدالحامد ڀرڳڙي تي مشتمل بئنچ مهراڻ هاءِ وي تي هيوي وهيڪل موٽر ۽ اورر لوڊ وڏين گاڏين جي داخلا تي لڳايل پابندي تي عملدرآمد نه ٿيڻ سميت سٽي پوائنٽ سکر وٽ حددخلين جي خاتمي ۽ سکر کان موٽر وي ايم 6 جي تعمير نه ٿيڻ وارين درخواستن تي گڏيل ٻڌڻي ڪئي، عدالت جي طلب ڪرڻ تي نيشنل هاءِ وي عملدار ۽ ڊي آءِ جي سکر ڪيپٽن (ريٽائرڊ) فيصل عبدﷲ چاچڙ ۽ ڊي آءِ جي بينظيرآباد (نوابشاهه) فيصل بشير ميمڻ، ايس ايس پي خيرپور حسن سردار نيازي ۽ مختلف ٿاڻن جا ايس ايڇ اوز، ٽرانسپورٽ اٿارٽي جو نمائندو توڙي ايس پي ٽريفڪ سکر سميت ٻيا واسطيدار پيش ٿيا، عدالت سٽي پوائنٽ وٽ ٿيل حادثن جي رپورٽ پيش نه ڪرڻ تي ڊي آءِ جي سکر کان پڇاڻو ڪيو ته عدالت جي حڪم تحت حادثن جون ڇو داخل ناهن ڪيون ويون، ڇا اوهان عدالت جي آرڊر کي مذاق سمجهو ٿا، عدالت جو حڪم واضع هو ته حادثن ۾ فوت ۽ زخمي ٿيندڙن جون ايف آءِ آرز اين ايڇ اي ۽ ٽريفڪ پوليس مٿان داخل ڪيون وڃن، ايف آءِ آرز ڇو ڪو نه داخل ڪيون ويون، عمل نه ڪري غيرذميواري جو مظاهرو ڪيو پيو وڃي، سٽي پوائنٽ وٽ ٽريفڪ ڪنٽرول ڪرڻ لاءِ لڳايل ٽريفڪ پوليس نفري جي ڪارڪردگي ٻڙي آهي، ٽريفڪ اهلڪارن جي مانيٽرنگ نه ٿيڻ ڪري سڌارو ناهي آيو، لاپرواهي ۽ غفلت سبب ماڻهو حادثن جو شڪار ٿين ٿا، عدالت اين ايڇ اي عملدارن کان پڇاڻو ڪيو ته سٽي پوائنٽ وٽ معياري يوٽرن ۽ سروس روڊن بابت ڪهڙي اڳڀرائي ڪئي وئي آهي، مطمئن ڪندڙ جواب نه ڏيڻ تي عدالت اين ايڇ اي عملدارن مٿان سخت ڪاوڙ جو اظهار ڪندي ڇنڊ پٽي ته سنڌ صوبي مان ٽول ٽيڪس اوڳاڙيو ٿا پر سنڌ ۾ معياري روڊ ٺاهڻ اين ايڇ اي جي ترجيحات ۾ شامل نه آهي، اين ايڇ اي پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ روڊن تي ڌيان ڏئي ٿو، عدالت ريمارڪس ڏيندي چيو ته ڇو نه ٽول ٽيڪس اوڳاڙي تي بندش وڌي وڃي، موٽر وي ايم 6 جي فنڊن ۾ ڪرپشن جو جواز ڄاڻائي موٽر وي تعمير نه ٿو ڪيو وڃي، جڏهن ته پنجاب ۽ ڪي پي ڪي ۾ اهڙن معاملن جون انڪوائريون ڪرائي موٽر وي ٺاهيا ويا، اتي ته ٺيڪيدارن جي من ماني به هلڻ نه ٿي ڏني وڃي، پر سنڌ ۾ هاءِ وي روڊن لاءِ معاوضو به سنڌ حڪومت کان ادائگي جي ڳالهه ٿئي ٿي، ان موقعي تي عدالت اين ايڇ اي عملدارن کي سختي سان هدايت ڪئي ته سٽي پوائنٽ وٽ معياري يوٽرن ۽ سروس روڊ بابت گهربل ايراضي ۽ خانگي زمينن جي خريداري بابت رقم جو ڪاٿو لڳايو وڃي، سنڌ حڪومت کان گهربل مدد به ورتي ويندي، پر جيڪا خانگي ايراضي ڪتب ايندي ان جو معاوضو کاتيدارن کي اين ايڇ اي ادا ڪندو، فوري طور اڳڀرائي رپورٽ عدالت ۾ جمع ڪرائي وڃي، جنهن بعد عدالت سنڌ صوبي مان ٽول ٽيڪس اوڳاڙي جي ٿيندڙ روزاني آمدني ۽ روڊن جي مرمت لاءِ اين ايڇ اي کي ٽيڪس آمدني مان ملندڙ رقم سميت موٽر وي ايم 6 جي تعمير لاءِ مختص فنڊن توڙي سال 2021ع ۾ موٽر وي ايم 6 جي تعمير لاءِ جاري ڪيل ٽينڊرن ۽ ٻين معاملن جي جاچ نيب کان ڪرائڻ جو حڪم ڏيندي گڏيل درخواستن بابت فيصلو محفوظ ڪري ٻڌڻي ملتوي ڪري ڇڏي آهي.