اين ايچ اي ٽول ٽيڪس جي آمدني ۽ خرچن جا تفصيل پڌرا ڪري: عوامي تحريڪ

اين ايچ اي ٽول ٽيڪس جي آمدني ۽ خرچن جا تفصيل پڌرا ڪري: عوامي تحريڪ

حيدرآباد (بيورو رپورٽ) عوامي تحريڪ جي مرڪزي صدر ايڊووڪيٽ وسند ٿري، مرڪزي جنرل سيڪريٽري ايڊووڪيٽ ساجد حسين مهيسر، مرڪزي اڳواڻ عبدالقادر رانٽو ۽ نور نبي پليجو پنهنجي گڏيل پريس بيان ۾ چيو آهي ته نيشنل هاءِ وي اٿارٽي ٽول پلازائن مان حاصل ٿيندڙ آمدني ۽ روڊن تي ڪيل خرچن جا تفصيل عوام آڏو پڌرا ڪري. هنن چيو ته چپي چپي تي ٽول پلازا ۽ چالانن جي اوڳاڙي باوجود سنڌ جي هاءِ وي ۽ موٽر وي روڊن جي حالت انتهائي خراب آهي. نيشنل هاءِ وي ۽ موٽر وي جهڙا وفاقي ادارا سنڌ کي فتح ڪيل ڪالوني سمجهي رهيا آهن. سنڌ جا روڊ ۽ رستا کٽارا بڻجي چڪا آهن، جڏهن ته نيشنل هاءِ وي جو ادارو روڊ ٺاهڻ بدران ڦرلٽ ۾ مصروف آهي.هنن چيو ته کٽارا ۽ موتمار روڊ هجڻ باوجود سنڌ جي اڪثر ضلعن ۾ ٽول پلازا قائم آهن، جڏهن ته ڪجهه ضلعن ۾ هڪ کان وڌيڪ ٽول پلازا به موجود آهن. موٽر وي پوليس رشوت جي بازار گرم ڪري ڇڏي آهي، وڏن سرمائيدارن جي گاڏين کي سفارش جي بنياد تي مسافر ڦرڻ جي کلي ڇوٽ ڏني وئي آهي، جنهن ۾ هاءِ وي، موٽر وي سميت وفاقي ۽ صوبائي سرڪار جا سمورا لاڳاپيل ادارا ملوث آهن.ھنن چيو ته ويگنن جي اڳين سيٽن تي چار چار ماڻهو ويهاري ڊرائيور کي سوڙهو ڪيو وڃي ٿو، جنهن سبب حادثن جو خطرو وڌي ويو آهي، پر موٽر وي پوليس رشوت عيوض کين کلي ڇوٽ ڏئي ڇڏي آهي. ڳاٽي ٽوڙ ڪراين باوجود مسافر ڪوچن ۾ مسافرن کي اندر بيهاري ۽ ڇتين تي ويهاريو وڃي ٿو. اوورلوڊ گاڏين سبب لکين ماڻهن جون زندگيون داءُ تي لڳل آهن، پر موٽر وي پوليس رشوت ۽ ڀتاخوري ۾ مصروف آهي.