اسلام آباد (مانيٽرنگ ڊيسڪ) پبلڪ اڪائونٽس ڪاميٽي جي اجلاس ۾ اين ايچ اي پاران ٺيڪيدارن کي ڏيڍ ارب جي رقم بطور ايڊوانس ڏيڻ جو انڪشاف ٿيو آهي
پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي جو اجلاس چيئرمين نور عالم خان جي صدارت ۾ ٿيو
آڊٽ اختيارين پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي کي ٻڌايو ته اها رقم 9 مختلف منصوبن لاءِ ضابطن جي ابتڙ ڏني وئي آهي
ٺيڪيدارن کي ڄاڻي واڻي مالي فائدو پهچائڻ لاءِ رقم ڏني وئي
نيشنل هاءِ وي اٿارٽي جو موقف آهي ته ٺيڪيدارن کي بينڪ گارنٽي طور مشروط ايڊوانس جاري ڪئي وئي آهي
سيڪريٽري مواصلات ٻڌايو ته حڪومت کي ڪوبه مالي نقصان ناهي ٿيو
پبلڪ اڪائونٽ ڪاميٽي آڊٽ پيرا اڪلائي ڇڏي ۽ اين ايچ اي کي قاعدن ۽ ضابطن تي عمل جي هدايت ڪئي آهي