اين اي 251 جي 22 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر چونڊ وارو فيصلو معطل

اين اي 251 جي 22 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر چونڊ وارو فيصلو معطل

اسلام آباد(بيورو رپورٽ) سپريم ڪورٽ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 251 جي 22 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر پولنگ ڪرائڻ جو فيصلو معطل ڪري ڇڏيو. سپريم ڪورٽ ۾ قومي اسيمبلي جي تڪ اين اي 251 جي 22 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر پولنگ بابت ڪيس جي ٻڌڻي ٿي۔ جسٽس نعيم اختر افغان ۽ جسٽس شهزاد احمد خان تي مشتمل ٻه رڪني بينچ اليڪشن ٽربيونل جي ٻيهر پولنگ واري فيصلي کي معطل ڪندي 22 پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر پولنگ خلاف حڪم امتناع جاري ڪري ڇڏيو۔ واضح رهي ته عام چونڊن ۾ انهيءَ ئي تڪ مان جمعيت علماءِ اسلام جو سيد سميع الله ڪامياب ٿيو هو، جڏهن ته فارم 45 گم ٿيڻ جي بنياد تي اليڪشن ٽربيونل انهن پولنگ اسٽيشنن تي ٻيهر پولنگ جو حڪم ڏنو هو، جنهن فيصلي کي سپريم ڪورٽ ۾ چيلينج ڪيو ويو۔ عدالت ڪيس جي وڌيڪ ٻڌڻي سياري جي عدالتي موڪلن کان پوءِ تائين ملتوي ڪري ڇڏي، جڏهن ته سيد سميع الله جي طرفان ايڊووڪيٽ ڪامران مرتضيٰ عدالت ۾ پيش ٿيو۔