| اين جي سي ۽ سي پي پي اي بليڪ آئوٽ جا ذميوار: اڍائي ڪروڙ ڏنڊ |
اسلام آباد(بيورو رپورٽ) نيپرا 4 سال اڳ ٿيندڙ بليڪ آئوٽ کان پوءِ بجلي وقت تي بحال نه ڪرڻ جو ذميوار نيشنل گرڊ ڪمپني ۽ سي پي پي اي کي قرار ڏئي ڇڏيو. نيشنل گرڊ ڪمپني ۽ سي پي اي تي اڍائي ڪروڙ رپين جو ڏنڊ لاڳو ڪري ڇڏيو آهي. نيپرا پاران جاري ڪيل فيصلي مطابق 9 جنوري 2021 تي ملڪ 20 ڪلاڪ تائين اونداهي ۾ ٻڏل رهيو، جڏهن نيشنل گرڊ ڪمپني ۽ سي پي پي اي بليڪ آئوٽ کان پوءِ فوري طور تي بجلي بحال ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته سال 2021، 2022 ۽ 2023 ۾ بجلي جي معطلي جا واقعا پيش آيا ۽ ٻئي ڪمپنيون وقت سر بجلي بحال ڪرڻ ۾ ناڪام رهيون۔ نيپرا بليڪ آئوٽ جي معاملي تي جاچ ڪميٽي پڻ قائم ڪئي هئي۔ ٻڌڻي دوران نيشنل گرڊ ڪمپني ۽ سي پي پي اي نيپرا کي مطمئن ڪرڻ ۾ ناڪام رهي. ٻڌڻي ۾ ٻنهي ڪمپنين ڪوشش ڪئي ته ذميواري هڪ ٻئي تي لڳائين، پر نيپرا ٻنهي ڪمپنين کي حڪم ڏنو ته 15 ڏينهن اندر جرمانو ادا ڪيو وڃي.