اين پي پي فعال ڪرڻ جو اعلان: مسرور جتوئي صوبائي صدر مقرر

مارچ 5, 2025

مورو(ن پ ا) مرتضيٰ جتوئي نيشنل پيپلز پارٽي کي ٻيھر فعال ڪري ڇڏيو، ميمبر سازي جو سلسلو شروع ڪرڻ جو اعلان، ان ڏس ۾ جتوئي ھائوس جي ترجمان موجب اين پي پي جي چيئرمين مرتضيٰ جتوئي پارٽي کي ٻيھر فعال ڪندي پھرين مرحلي ۾ مسرور جتوئي کي نيشنل پيپلز پارٽي سنڌ جو صدر مقرر ڪري ڇڏيو آهي، جڏھن ته صوبي جي ننڍن وڏن شھرن ۾ آرگنائيزنگ ڪاميٽيون جوڙيون وينديون، جيڪي ميمبر سازي ڪنديون، ترجمان جوجب مرتضيٰ جتوئي چيو آھي ته اين پي پي جي يوسي سطح تائين تنظيم سازي ڪري پارٽي کي مضبوط بڻايو ويندو.

 

Leave A Comment