ايوارڊز تي نه فرشتن ۽ آخرت تي ايمان آهي: زاهد احمد

ايوارڊز تي نه فرشتن ۽ آخرت تي ايمان آهي: زاهد احمد

لاهور  (شوبز نيوز) پاڪستان جي مشهور اداڪار زاهد احمد جو چوڻ آهي ته منهنجو ايوارڊز تي نه فرشتن ۽ آخرت تي ايمان آهي. تازو اداڪار ساٿي فنڪار احمد علي بٽ جي پوڊڪاسٽ ۾ مهمان طور تي شرڪت ڪئي، جتي هن مختلف معاملن تي کلي ڳالهايو، ميزبان جي سوال تي هن چيو ته ايوارڊز تي ڪيئن ڪنهن جو يقين ٿي سگهي ٿو، آئون 2 ڀيرا بهترين اداڪار جو اعزاز حاصل ڪيو اهو منهنجي  لاءِ گهڻو  آهي، منهنجو ڪم سڀني جي سامهون آهي آئون هر وقت ڪجهه نئين ڪرڻ جي چڪر ۾ هوندو آهيان، ڪنهن جي ڪاپي ناهيان ڪندو جيڪو آهي پنهنجي طرفان ڪم ڪندو آهيان. شروع شروع ۾ ٻين اداڪارن جيان مون کي به مشڪلاتون پيش آيون، پوءِ آهستي آهستي معاملا بهتري طرف وڌندا رهيا ائين آئون پنهنجي محنت ذريعي انڊسٽري ۾ پاڻ مڃائي نالو ڪمايو. پنهنجي ڪم مان مطمئن آهيان