ايٽمي هٿيار نٿا چاهيون، اسرائيل کي لبنان ۾ جنگبندي ڪرڻ تي مجبور ڪيو: ايراني صدر

ايٽمي هٿيار نٿا چاهيون، اسرائيل کي لبنان ۾ جنگبندي ڪرڻ تي مجبور ڪيو: ايراني صدر

تھران (م ڊ) ايران جي صدر مسعود پزشڪيان ٽياڪڙي جي ڪوششن ۾ پاڪستان جي ڪردار جي ساراھھ ڪئي آھي ۽ چيو آھي تھ ايران ڪڏھن بھ ايٽمي ھٿيار حاصل ڪرڻ يا علائقي ۾ دھشتگردي پکيڙڻ جي ڪوشش ناھي ڪئي. پاڪستان جي آرمي چيف فيلڊ مارشل عاصم منير تهران ۾ ايراني صدر سان ملاقات ڪئي ان موقعي تي صدر پزشڪيان ٽياڪڙي جي عمل ۾ ۽ جنگ بندي کي آسان بڻائڻ ۾ مدد ڪرڻ تي فيلڊ مارشل ۽ وزيراعظم شھباز شريف جي تعريف ڪئي. هن اسلام آباد ۾ ڳالهين دوران ايراني وفد جي ميزباني ڪرڻ تي پاڪستان جو شڪريو بھ ادا ڪيو. هن وڌيڪ چيو ته ايران خطي ۾ عدم استحڪام نه ٿو چاهي ۽ پاڙيسري ملڪن سان دوستانه لاڳاپا وڌائڻ چاهي ٿو. ٻئي طرف ايران جي صدر ٽيليويزن تي خطاب ۾ چيو ته اسرائيل کي مضبوط سفارتڪاري جي ذريعي جنگبندي جو اعلان ڪرڻ تي مجبور ڪيو ويو ان کي حزب الله ۽ لبنان ۾ ٻين محاذن تي حملا ڪرڻ جو ڪو حق ناهي. ھن چيو تھ ايران ڪڏهن به ايٽمي هٿيار ٺاھڻ جي ڪوشش ناھي ڪئي ۽ نه ئي خطي ۾ بدامني يا دهشتگردي جي خواهشمند آهي. هن پاڪستان جو شڪريو ادا ڪيو تھ پاڪستان ايران جي وقار ۽ فخر” کي برقرار رکندي سفارتڪاري ڪئي. تهران وقار سان ۽ قانوني فريم ورڪ اندر پنهنجي علائقائي سالميت جو دفاع ڪندي امن جي پيروي ڪري رهيو آهي. ايران پنهنجن اصولن ۽ موقفن تي قائم رهندو، ۽ اها ڳالھھ مخالفن کي سمجهڻ گهرجي. هن آمريڪا ۽ اسرائيل تي ايران جي فوجي ڪمانڊرن، سياستدانن، سائنسدانن ۽ شاگردن جي قتل ڪرڻ ۽ ايران ۾ تباھي آڻڻ ۽ جنگ ۾ ڌڪڻ جو الزام پڻ لڳايو.