| ايچ آءِ وي: ساڳي سرنج لڳائيندڙن کي قتل جي سزا ڏيو: جونيئر ذوالفقار |
حيدرآباد (بيورو رپورٽ) شهيد مير مرتضيٰ ڀٽو جي فرزند جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو پاڪستان ۾ ايچ آءِ وي جي پکرجڻ کي الارمنگ صورتحال قرار ڏيندي چيو آهي ته سرڪاري سطح تي پاڪستان ۾ 80 هزار، ڊبليو ايچ او موجب 4 لک ۽ هڪ اندازي تحت 10 کان 20 لک ايچ آءِ وي جا مريض موجود آهن.حيدرآباد ۾ وهاب منشي جي گهر تي ميڊيا جي نمائندن سان ڳالهائيندي جونيئر ذوالفقار ڀٽو چيو ته پاڪستان ايشيا ۾ ايچ آءِ وي جي حوالي سان پهرين نمبر تي اچي ويو آهي هِن جو چوڻ هو تھ، جوڙن کي نڪاح کان اڳ ايچ آءِ وي ٽيسٽ ڪرائڻ گهرجي، هِن وقت جيلن ۾ بھ ايچ آءِ وي تيزي سان پکڙجي رهيو آهي، جيڪي ڊاڪٽر ڄاڻي واڻي هڪ کان وڌيڪ مريضن تي ساڳي سرنج استعمال ڪن ٿا، اُنهن کي قاتل جي برابر سزا ملڻ گهرجي، جونيئر ذوالفقار علي ڀٽو ٻڌايو ته آئون انهن خاندانن سان ملاقات ڪري رهيو آهيان، جيڪي ايچ آءِ وي پازيٽو آهن، هِن صورتحال کي نظرانداز ڪيو ته بيماري گهر گهر پهچي ويندي. هِن هڪ سوال جي جواب ۾ چيو تھ، ايچ آءِ وي کان تحفظ غيرسياسي معاملو آهي، تنهنڪري اسان جو نعرو آهي ته خاموشي اختيار ڪرڻ ڏوهه آهي.