ايچ آر سي پي آزاد ڪشمير ۾ جاني نقصان جي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

ايچ آر سي پي آزاد ڪشمير ۾ جاني نقصان جي جاچ جو مطالبو ڪري ڇڏيو

لاهور (م ڊ) پاڪستان جي انساني حقن جي ڪميشن ايچ آر سي پي چيو آهي ته آزاد ڄمون ۽ ڪشمير جي قانون ساز اسيمبلي جي چونڊن جي پهرئين ڏينهن راولاڪوٽ ۾ چڪرين ۾ ڪيترائي ماڻهو مارجي ويا ۽ ڪيترائي زخمي ٿيا آهن انهن رپورٽن تي سخت ڳڻتي آهي. ايڪس تي جاري ڪيل هڪ بيان ۾ ايچ آر سي پي چيو ته راولاڪوٽ ۾ جاني نقصان ان ڳالهه جو ثبوت آهي ته اتي تڪرار جي قيمت انساني جانين جي صودرت ۾ ادا ڪئي پئي وڃي. عوامي امن برقرار رکڻ رياستي ادارن جي ذميواري آهي پر ان لاءِ انساني جانيون ضايع ٿيڻ نه گهرجن. بيان ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته اسان تشدد جي هن چڪر کي فوري طور تي ختم ڪرڻ، رپورٽ ٿيل جاني نقصان ۽ زخمين جي فوري، غير جانبدار ۽ آزاد جاچ ۽ طاقت جي غيرقانوني استعمال جي ذميوارن کان جواب طلب ڪرڻ جو مطالبو ڪريون ٿا. بيان ۾ اهو به چيو ويو آهي ته اسان اختيارين تي پڻ زور ڏيون ٿا ته احتجاج سان معاملو ڪندي صبر ۽ ضبط جو مظاهرو ڪن. جيئن جيئن چونڊن جا باقي مرحلا ويجهو اچن ڌيان انساني زندگين جي حفاظت ۽ عوامي اعتماد بحال ڪرڻ تي هجڻ گهرجي تڪرار نه وڌائڻ گهرجي.