| ايچ ايس ٽيز ۽ ايس ايل ٽيز کي هيڊ ماستر طور ترقين جو فيصلو |
ڪراچي (اسٽاف رپورٽر) تعليم کاتي پاران ايڇ ايس ٽيز ۽ ايس ايل ٽيز کي هيڊ ماستر طور ترقيون ڏيڻ جو فيصلو، ان ڏس ۾ 16هين گريڊ جي ايس ايل ٽيز ۽ ايڇ ايس ٽيز کي 17هين گريڊ ۾ هيڊ ماستر طور ترقيون ڏيڻ لاءِ ڊسمبر ۾ ڊپارٽمينٽل پروموشن ڪاميٽي جو اجلاس ٿيندو. ان حوالي سان تعليم کاتي جي اختيارين سمورن ڊائريڪٽرن کي خط لکي هدايت ڪئي آهي ته ترقين جي ڊوڙ ۾ شامل استادن جون اي سي آر، نو ڊيوز سرٽيفڪيٽ ۽ ٻيو رڪارڊ ڏنو وڃي، خط ۾ لکيو ويو آهي ته استادن جا گھربل دستاويز 2 ڊسمبر کان اڳ تعليم کاتي جي اختيارين تائين پهچايا وڃن