اڄ سموري دنيا ۾ ايڊز جو عالمي ڏينهن ملھايو پيو وڃي. سنڌ سميت سڄي ملڪ ۾ پڻ جاڳرتا جي حوالي سان سيمينار ٿيندا، جتي شعلا بياني جا جوهر ڏيکاريا ويندا. لفظن جي فضول خرچي ڪئي ويندي. فوٽو سيشن ٿيندا ۽ عالمي ڊونر ادارن توڙي گڏيل قومن کي اھو تاثر ڏنو ويندو ته “لڳا پيا آھيون”. ھتي ايڇ آءِ وي/ايڊز کي ڪنٽرول ڪرڻ واري مقصد تي ڪيتري سنجيدگي سان ڪم پيو ٿئي، اھو اندازو ھتي ان بيماري جي تيزيءَ سان ڦهلاءَ ۽ وڌندڙ ڪيسن مان آسانيءَ سان لڳائي سگھجي ٿو. اڄوڪو ڏينهن اسان کان اھا گھر ڪري ٿو ته اسان جا منتظمين سماج ۾ ھن موتمار وبا جي حالتن تي سنجيدگي سان غور ڪن. عوامي جاڳرتا لاءِ قدم کنيا وڃن ۽ بيماريءَ جي علاج سان گڏوگڏ ان وبا جي ڦهلاءِ جي سببن کي ختم ڪيو وڃي.
پاڪستان ۽ خاص ڪري سنڌ ۾ نيشنل ايڊز ڪنٽرول پروگرام باوجود ھن بيماري ۾ گھٽتائي بدران ڏينهون ڏينهن واڌ ٿي رهي آهي، جنھن جو سبب صحت کاتي جي غير ذميوار انتظاميا، ناقص حڪومتي پاليسيون آهن. ملڪي سطح تي، نيشنل ايڊز ڪنٽرول پروگرام جي ڊيٽا موجب، سيپٽمبر 2025 تائين 81,847 رجسٽر ٿيل ايڇ آءِ وي ڪيس آهن ۽ 58,622 مريض ART (antiretroviral therapy) تي آهن. سنڌ صوبو ايڇ آءِ وي/ايڊز سان وڌيڪ متاثر آهي. 2024 دوران صرف سنڌ ۾ 3,446 نوان ڪيس رپورٽ ٿيا هئا، جن ۾ 1,811 مرد، 813 عورتون، 254 ٽرانسجينڊرس ۽ 568 ٻار شامل هئا. 2024 ۾ هر مهيني سراسري طرح 260 نوان ڪيس اچي رهيا هئا، جن مان 10-15٪ تقريباً ٻار هئا. آڪٽوبر 2025 جي رپورٽ موجب، سنڌ ۾ تقريباً 3,995 ٻار ايڇ آءِ وي مثبت قرار ڏنا ويا آهن، جيڪي سرڪاري ڊيٽا ۾ شامل آهن. 2024ع ۾ جنھن عرصي ۾ سنڌ ۾ جن نون ڪيسن جو تعداد 2,531 ٻڌايو ويو آهي، اُن ۾ 1,313 مرد، 615 عورتون، 227 ٽرانسجينڊر، 220 ڇوڪرا ۽ 156 ڇوڪريون شامل آهن. اهي انگ اکر ظاهر ڪن ٿا ته ايڇ آءِ وي/ايڊز جي وبا هاڻي ڪنهن مخصوص گروپ تائين محدود نه رهي آهي؛ ٻار، عورتون، ٽرانسجينڊرس ۽ عام ماڻهو سڀ متاثر ٿي رهيا آهن. سنڌ ۾ عوام کي ميسر علاج جي سهولتن جي سڀني کي خبر آهي. هن وبا جو هر متاثر فرد علاج تائين پهچي نٿو سگهي، ڇو ته رجسٽريشن نه ٿيڻ، بيخبري، ڏورانھن علائقن ۾ سهولتن جي کوٽ، سماجي دٻاءَ ۽ ذاتي بدنامي (stigma) جهڙا عنصر علاج کي مشڪل بڻائين ٿا.
ايڇ آءِ وي/ايڊز جي ڦھلاءَ جو سبب غير رجسٽرڊ ڪلينڪون، عطائي ڊاڪٽر، انفيڪشن کنٽرول (IPC) جا ناقص ضابطا، سرنجن ۽ آءِ وي ڊرپس جو ٻيهر استعمال، غير محفوظ رت جي منتقلي، غير رجسٽرڊ بلڊ بينڪون، ڏندن جي علاج جو غير محفوظ پروسيجر ۽ حجامڪا دڪان، غير محفوظ جنسي عمل – اهي سمورا عنصر گڏجي ان وبا کي وڌائي رهيا آهن. پڙهندڙن کي ياد هوندو ته 2019 ۾ لاڙڪاڻي ۾ ايڇ آءِ وي/ايڊز سبب صورتحال گهڻي خراب ٿي وئي هئي ۽ جڏهن عالمي ادارن جو دٻاءُ پيو ته اها اميد پيدا ٿي ته، صحت کاتي طرفان سنجيدگيءَ جو مظاهرو ڪيو ويندو، پر هاڻي ميرپورخاص جهڙي ضلعي ۾ ٻار ان وبا جو شڪار بنجي رهيا آهن. گذريل سال صرف ميرپورخاص ۾ 150 ٻارن ۾ HIV تصديق ٿي، جيڪو انگ سنڌ جي مجموعي ٻارڙن واري صورتحال جي 26٪ کان مٿي آهي. ان مان ظاهر آهي ته صحت کاتي جي نئود انتظاميا تي ڪنهن به ڳنڀير صورتحال جو ڪوبه اثر نٿو پوي. اھا ڳالھ واضح آهي ته انتظامي ادارن جي ناڪامي، قانوني ضابطن جي کوٽ، پوليس جي غيرفعال هجڻ ۽ صرف وي وي آءِ پيز جي پروٽوڪول فورس بڻجڻ تائين محدود رهجي وڃڻ، ۽ غير قانوني ڪلينڪون بند نه ٿيڻ، محفوظ جنسي عمل بابت ڄاڻ جي گھٽتائي – اهي سڀ عنصر ان وبا جي ڦھلاءِ کي مھميزون ھڻي رھيا آهن، جن کي حڪومت سنجيدگي سان نه ورتو آهي. رجسٽرڊ ڪيسن جو تعداد وڌي رھيو آهي، ۽ غير رجسٽر ڪيسن جي به پوري ڳڻپ نه ٿي سگهي آهي. خدشو اهو آهي ته حقيقي انگ اکر تمام گھڻا وڌيل ھوندا. ھڪ ته سنڌ ۾ ان بيماري جي علاج جون بھتر سهولتون نه آهن. اھا ڳالھ به سمجھڻ گھرجي ته جيڪڏهن روڪٿام ۽ انتظامي ضابطن تي سختي نه ڪئي وڃي ته علاج اڪيلو ڪافي ناهي. ضرورت ان ڳالهه جي آهي ته عطائي ڊاڪٽرن جون ڪلينڪون ۽ غير رجسٽرڊ بلڊ بينڪون بند ڪرائي ذميوارن خلاف سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. مفت ۽ آسان HIV ٽيسٽنگ ۽ رجسٽريشن، ۽ ART تائين آسان رسائي جو اھتمام ڪيو وڃي. ان بيماري خلاف جاڳرتا مھم صرف اڄوڪي ڏينهن تائين محدود نه ھجڻ گھرجي.