ايڊز خلاف جنگ: .. سنڌ مان ايڊز جي خاتمي ۾ رڪاوٽون ۽ سماجي رويا … ڊاڪٽر ڪامران اعواڻ

                 طبي ماهرن جو چوڻ آهي ته پوين چاليهن سالن ۾ سائنسي ترقيءَ ايڊز کي موت جي پروانن مان ڪڍي هڪ قابل علاج ۽ قابل انتظام بيماريءَ ۾ تبديل ڪري ڇڏيو آهي. اينٽي ريٽرو وائرل علاج (ART) جي ذريعي هاڻي ايڇ آءِ وي مثبت مريض به هڪ عام ۽ صحتمند زندگي گذاري سگهن ٿا. عالمي سطح تي صحت جي ماهرن جو اهو به چوڻ آهي ته وقت سر تشخيص ۽ علاج سان وائرس جي منتقلي جو خطرو تقريباً ختم ٿي ويندو آهي. پر پاڪستان، ۽ خاص ڪري سنڌ، ۾ صورتحال ان عالمي ترقيءَ سان هم آهنگ نظر نٿي اچي. طبي ماهر ان جو سبب علم جي کوٽ، غير محفوظ طبي طريقن، ۽ سماجي بدناميءَ جي خوف کي قرار ڏين ٿا، جنهن جي ڪري گھڻا مريض تشخيص کان ئي پاسو ڪن ٿا. اهو ئي سبب آهي، جو هڪ عالمي سطح تي قابو ۾ ايندڙ بيماري، سنڌ اندر اڃا تائين هڪ خاموش پر خطرناڪ لهر جي صورت اختيار ڪري چڪي آهي.

                 دنيا ۾ ڏهڪاءُ جي علامت بڻيل بيماري ايڊز جينٽڪ قابل علاج بڻجي چڪي آهي. پر سنڌ ۾ اڃا تائين لاعلاج ۽ سماجي بدناميءَ

                 جي خوف جي ڪري تيزيءَ سان پکڙجڻ لڳي آهي ۽ علاج نه ڪرائڻ سبب موت سندن سر مٿان لامارا ڏئي رهيو آهي. ايڊز جو دنيا

۾ سڀ کان پهريون مريض هڪ آمريڪي نوجوان رابرٽ ريفورڊ هو، جيڪو 1969ع ۾ سورنهن ورهين جي ڄمار ۾ زندگيءَ جي جنگ هارائي ويو. ان بيماريءَ جي ايڊز جي نالي سان سڃاڻ 1980ع واري ڏهاڪي ۾ ٿي، جنهن ۾ قوت مدافعت جي گھٽجي وڃڻ جي ڪري ڪيترائي ماڻهو مري ويا. شروعاتي دؤر ۾ ان بيماريءَ جا اهم ڪارڻ هم جنس پرستي ۽ نشي آور انجيڪشن جو استعمال ٻڌايو ويو. ڪجھه ئي وقت ۾ ان بيماريءَ آمريڪا سميت آفريڪا ۾ به هڪ خوف واري صورتحال پيدا ڪري ڇڏي. هتي ايستائين جو ماءُ بـ اولاد کان پري رهڻ لڳي. اپريل 1987ع ۾ شهزادي ڊائينا ايڊز جي مريضن سان هٿ ملائي دنيا کي انتهائي طاقتور پيغام ڏنو ته ايڊز هٿ ملائڻ، ڳالهائڻ يا مريضن سان گڏ ويهڻ سان نه وچڙندي آهي. ان عمل ايڊز جي مريضن کي سماجي تنهائي کان بچائي ڇڏيو هو. تحقيق کانپوءِ 1987ع ۾ هن بيماريءَ جو علاج دريافت ڪيو ويو، جيڪو وڌيڪ تحقيق کانپوءِ اڄ جي دؤر ۾ ايترو ته اثرائتو ٿي ويو آهي. جو خوف جي علامت بڻيل بيماري هڪ عام بيماريءَ جيان قابل علاج بڻجي وئي آهي.

 1988ع کان عالمي ايڊز ڏهاڙي جي شروعات ٿي، جنهن جو مقصد ماڻهن کي شعور ڏيڻ سان گڏ سماج اندر هن کي ايذائيندڙ تنهائي کان بچائڻ آهي. دنيا ۾ هن وقت لڳ ڀڳ چار ڪروڙ ايڊز جا مريض آهن. جن مان گھڻو تعداد آفريڪي ماڻهن جو آهي، جتي هر 30 ماڻهن ۾ هڪ ايڊز جو مريض آهي. دنيا ۾ تقريبن 66 سيڪڙو مريض رڳو آفريڪي آهن. هي مرض هاڻي پاڪستان ۾ به تيزيءَ سان وڌڻ لڳو آهي. هن وقت لڳ ڀڳ ٻه ٽي لک پاڪستاني ايڊز جي مرض ۾ مبتلا آهن. جن مان تقريبن 43 سيڪڙو سنڌ سان تعلق رکن ٿا. سنڌ ۾ مريضن جي اڪثريت ڪراچي ۽ لاڙڪاڻي ۾ رهي ٿي. سنڌ ۾ ان بيماريءَ جي ڦهلجڻ جو وڏو سبب عطائي ڊاڪٽرن طرفان ساڳي سرنج جو بار بار استعمال آهي. ٻين سببن ۾ جسم فروشي، هم جنس پرستي ۽ بغير چڪاسيل رت لگائڻ آهن. جڏهن ته ڪيترن ئي صوبن ۽ شهرن ۾ گدلو پاڻي به ايڊز جي ڦهلاءَ جو سبب بڻجي رهيو آهي. ڪيترن ئي شهرن ۾ گٽرن جو پاڻي پيئڻ جي پائيپ لائنن سان ملي وڃي ٿو ۽ ماڻهو ان مرض  جو شڪار ٿي رهيا آهن، خاص ڪري ٻار ان جو شڪار گهڻو ٿي رهيا  آهن. اسان وٽ گند ڪچرو به گهٽين رستن تي پيو هوندو آهي، جتي مڇر گهڻا ٿيندا آهن. جيڪي به ايڊز جو ڪارڻ بڻجي رهيا آهن. سنڌ حڪومت وٽ ايڊز جي علاج معالجي جو جوڳو بندوبست ٿيل آهي، پر بدقسمتيءَ سان بدناميءَ جي داغ کان خوفزده مريض ايڊز سينٽرن ڏانهن لاڙو ئي نٿا ڪن. ان صورتحال ۾ اسان سڀني تي فرض ٿئي ٿو ته اسان پنهنجي روين ۾ تبديلي آڻي ايڊز کي شڪست ڏئي، سنڌ ۽ پاڪستان کي ايڊز کان آزاد ڪرايون. جيستائين اسان حڪومت سان سهڪار نه ڪنداسين، حڪومت جي عملن تي عمل نه ڪنداسين، تيستائين اسان ان کي شڪست نه ڏئي سگهنداسين. سڀ کان پهريان اسان پنهنجي روين ۽ سوچ ۾ تبديلي آڻي، ايڊز جي مريض کي گنهگار سمجهڻ بند ڪريون. ايڊز جو مريض اڳ ئي خوف ۾ گھيريل ۽ سماجي طور تي بدترين تنهائيءَ جو شڪار آهي، ان کي همدردي ۽ حوصلي جي سخت ضرورت آهي. هن کي عام مريض وانگر سمجهڻ گھرجي ۽ انهن جي مدد ڪجي ته جيئن هو پنهنجو مڪمل علاج ڪرائي هن بيماريءَ کان چٽڪارو حاصل ڪن. انهيءَ ڪري ضروري آهي ته ماڻهن کي شعور ڏجي. ان مرض سان وابسته غلط فهمين ۽ افواهن کي ختم ڪري سگهجي، سماجي تفريق ۽ بدناميءَ جي خوف کي ختم ڪجي. بدناميءَ جي ڊپ کان عام ماڻهو ايڊز جو ٽيسٽ به نه ڪرائيندا آهن. اسان کي گھرجي ته سال ۾ گھٽ ۾ گھٽ هڪ دفعو ايڇ آءِ وي/ ايڊز جو مفت ٽيسٽ ڪرايون ته جيئن مرض جي صورت ۾ ترت علاج شروع ڪرائي سگھجي. ان ئي سوچ بٽاندر ٿائيلينڊ جهڙن ملڪن ايڊز کي قابو ۾ رکيو آهي. هيٺ ڄاڻايل اپائن سان سنڌ ۽ پاڪستان اندر ايڊز کي قابوءَ ۾ آڻي سگهجي ٿو ۽ وڌيڪ ڦهلجڻ کان روڪي سگهجي ٿو. ان لاءِ سڀ کان پهريان روين ۾ تبديلي آڻڻ کپي ته ايڊز هڪ بيماري آهي ۽ هن کي گناه واري تهمت کان پري رکيو وڃي. ان جو مڪمل علاج ڪرايو وڃي. جيڪڏهن هڪ ماڻهو ٻئي جي مدد ڪندو ته ان موذي مرض مان ڇوٽڪارو حاصل ٿي سگهي ٿو.

طبي ماهرن جو اتفاق آهي ته ايڊز جي خاتمي لاءِ دوائون ئي ڪافي نه آهن، پر ان کان وڌيڪ ضروري سماجي رويي ۾ تبديلي آهي۔ جيستائين مريضن کي گنهگار سمجهڻ بند نه ڪبو، تيستائين هو علاج کان لڪندا رهندا، ۽ بيماري وڌندي رهندي۔ سنڌ کي ايڊز کان آزاد ڪرڻ لاءِ ضروري آهي ته حڪومت، طبي ادارا ۽ عام ماڻهو گڏجي ڪم ڪن. مفت ۽ محفوظ ٽيسٽنگ جي سهولت هر ضلعي تائين پهچائي وڃي، عطائي ڊاڪٽرن جي غير محفوظ طريقن تي بندش هجي، انهن جي هر ڳوٺ ۾ قائم ڪلينڪن کي سيل ڪري ٻهراڙين ۾ گند ڪچري کي محفوظ طريقي سان ختم ڪري گهر گهر ماڻهن جي اسڪريننگ ڪري انهن ۾ آگاهي مهم شروع ڪري انهن جو علاج ڪيو وڃي. گٽر مليل پيئڻ جي پاڻي ۽ فلٽر پلانٽس کي بهتر ڪري ماڻهن کي صاف شفاف پاڻي فراهم ڪيو وڃي جئين ان مرض کي اڳتي وڌڻ کان روڪي سگهجي. ۽ سڀ کان اهم، سماج ۾ اهو شعور پيدا ڪيو وڃي ته ايڊز جو مريض هڪ عام مريض آهي، نه ڪو مجرم۔ جڏهن خوف جي جاءِ همدرديءَ وٺندي، تڏهن ئي سنڌ حقيقي معنا ۾ هن مرض جي خلاف پنهنجي جنگ کٽي سگهندي.