ايڊز ۽ ٻين بيمارين جي روڪٿام لاءِ غيرمعياري سرنجن تي پابندي، ذميوارن خلاف ڪارروائي جي هدايت

ايڊز ۽ ٻين بيمارين جي روڪٿام لاءِ غيرمعياري سرنجن تي پابندي، ذميوارن خلاف ڪارروائي جي هدايت

اسلام آباد (بيورو رپورٽ) وزيراعظم شهباز شريف جي صدارت هيٺ ايڊز، هيپاٽائٽس سي ۽ ٻين وچڙندڙ بيمارين جي روڪٿام بابت اجلاس ٿيو، وزيراعظم جي هدايت تي قائم ڪيل خصوصي ٽاسڪ فورس ۽ قومي صحت واري وزارت طرفان وچڙندڙ بيمارين جي روڪٿام لاءِ کنيل قدمن بابت بريفنگ ڏني وئي. وزير اعظم سڄي ملڪ ۾ غير معياري سرنجن جي تياري ۽ استعمال تي مڪمل پابندي لاڳو ڪرڻ جي هدايت ڪندي چيو ته اهڙين سرنجن جي استعمال سبب ايڊز، هيپاٽائٽس سي ۽ ٻيون خطرناڪ بيماريون تيزي سان پکڙجن ٿيون. غير قانوني سرنجن جي استعمال ۾ ملوث ماڻهن، ادارن ۽ اسپتالن، يا انهن جي روڪٿام ۾ مجرماڻي غفلت ڪندڙ ذميوارن خلاف قانون موجب سخت ڪارروائي ڪئي وڃي. وچڙندڙ بيمارين تي ضابطو آڻڻ لاءِ صحت جي ماهرن تي ٻڌل هڪ خصوصي ڪاميٽي جوڙي وڃي. ڪاميٽي سفارشون تيار ڪرڻ دوران سڀني صوبن سان تفصيلي مشاورت ڪري ته جيئن قومي سطح تي گڏيل حڪمت عملي جوڙي سگهجي. وزيراعظم قانون واري وزارت کي گهربل ترميمن بابت تجويزون تيار ڪرڻ جي به هدايت ڪئي.