ٽنڊو ڄام (رپورٽ: مبين مگسي) ٽنڊوڄام هيلٿ سينٽر جي ايڊمن آفيسر پاران ڊاڪٽرياڻي کي تنگ ڪرڻ جو انڪشاف، جوائننگ ڏيڻ کان به انڪار ڪري ڇڏيو
رورل هيلٿ سينٽر ٽنڊو ڄام ۾ ايڊمن آفيسر طالب حسين ٻگهيو پاران ڊاڪٽرياڻي افروز کي تنگ ڪرڻ جو انڪشاف ٿيو آهي، ڊاڪٽرياڻي ايڊمن کان ٿي موڪل لکي ڇڏي
ڊاڪٽرياڻي پاراڻ لکيل موڪل ۾ ڄاڻايو ويو آهي ته ايڊمن مان تنگ ٿي موڪل لکي آهي، ايڊمن آفيسر جي ٽارچر سبب ڊپريشن ۾ هلي وئي آهيان
ڊاڪٽرياڻي افروز چيو آهي ته ايڊمن آفيسر طالب ٻگهيو پاران مسلسل تنگ ڪيو پيو وڃي، ڪجھه وقت اڳ رسڪ الائونس لاءِ احتجاج ڪرڻ تي مسلسل ٽارگيٽ ڪري تنگ ڪيو پيو وڃي
ڊاڪٽرياڻي چيو آهي ته ذهني پريشاني ۾ مبتلا ٿي وئي آهيان، موڪل تان واپس اچڻ کانپوءِ ايڊمن آفيسر جوائننگ ڪرڻ نٿو ڏي