ايڊيليڊ ٽيسٽ جي به ساڳي ڪهاڻي جو امڪان، آسٽريليا مضبوط

ايڊيليڊ ٽيسٽ جي به ساڳي ڪهاڻي جو امڪان، آسٽريليا مضبوط

ايڊيليڊ (اسپورٽس نيوز) آسٽريليا ٽريوس هيڊ جي ناٽ آئوٽ سينچريءَ جي مدد سان ٽِين ٽيسٽ ۽ ايشز سيريز تي پنهنجي پڪڙ مضبوط ڪري ورتي. ميچ جي ٽئين ڏينهن جي پڄاڻي تي آسٽريليا پنهنجي ٻي اننگ ۾ 4 وڪيٽن جي نقصان تي 271 رنسون ٺاهي انگلينڊ جي خلاف 356 رنسن جي برتري حاصل ڪري ورتي. ٽريوس هيڊ 142 ۽ اليڪس ڪيري 52 رنسن سان ڪريز تي موجود آهن. ٽريوس هيڊ جي سينچري جي خاص ڳالهه اها آهي ته 99 رنسن تي هيري بروڪ سندس ڪچ ڊراپ ڪيو هو. پهرين ٽيسٽ ۾ آسٽريليا کي فتح ڏياريندڙ هيڊ پنهنجي هوم گرائونڊ تي لاڳيتو چوٿين سينچري اسڪر ڪئي ٻين رانديگرن ۾ عثمان خواجا 40، مارنس لبوشين 13، ڪيمرون گرين 7 ۽ جيڪ ويدرالڊ هڪ رنس ٺاهي آئوٽ ٿيا. انگلينڊ جي جوش ٽنگ 2 جڏهن ته برائيڊن ڪارس ۽ ول جيڪ هڪ هڪ وڪيٽ ورتي. ان کان اڳ انگلش ٽيم آسٽريليا جي پهرين اننگز 371 رنسن جي جواب ۾ 286 رنس تي ڍير ٿي وئي. انگلش ڪپتان بين اسٽوڪس 83 ۽ جوفرا آرچر 51 رنسون ٺاهي نمايان رهيا